بلوچستان جي بهادر نياڻي لاءِ عالمي اعزاز

ڪوئيٽا(پ ر) بلوچ وائس فار جسٽس جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڏسي خوشي ٿي ته سمي دين بلوچ کي بلوچستا ۾ انصاف لاءِ وڙهڻ تي هن جي غيرمتزلزل عزم لاءِ ڊبلن آئرلينڊ ۾ هڪ پروقار تقريب دوران فرنٽ لائن ڊيفينڊر ايوارڊ 2024 فار ايشيا ۽ دي پيسفڪ سان نوازيو ويو، هن جي بهادري ۽ قيادت اسان سڀني کي متاثر ڪري ٿي، بيان ۾ چيو ويو ته بلوچستان ۾ انصاف جي وڪالت لاءِ سمي دين بلوچ جي غيرمعمولي همت،طاقت ۽ حوصلو ساراهه جوڳو آهي ۽ مظلومن لاءِ اتساهه جو سبب آهي، اسان انساف ۽ انساني حقن لاءِ هن جي مسلسل جدوجهد ۾ هن سان گڏ بيٺا آهيون،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.