سنڌ حڪومت، اسٽيل مل هلائي ڏيکاري ته آجيان ڪبي

ٽيون ڏينهن سنڌ ڪابينا جي ٿيل اجلاس بابت سنڌ جي سينئر سڌماءُ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس ۾ ڪيترن ئي اهم فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي جتي سرڪاري ملازمن لاءِ هائوسنگ سوسائٽي بڻائڻ، 16 کاتن کي ڊجيٽلائيز، ڪرڻ ۽ ٻين معاملن جا تفصيل ٻڌايا اتي هن اها به خوش خبري ٻڌائي ته سنڌ حڪومت پاڻ اسٽيل مل کي هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها اسٽيل مل جنهن بابت اڪثريت جو خيال آهي ته اها هاڻي ڪٻاڙ خاني کي ڏيڻ جهڙي ٿي وئي آهي، مسلم ليگ (ن) ان جي نجڪاري جو سوچي رهي آهي ۽ چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته موجوده اسٽيل مل جي بحالي تي جيڏو خرچ ڪيو ويندو انهن پيسن مان نئين اسٽيل مل ٺهي سگهي ٿي پر شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو آهي ته پ پ وٽ ان اسٽيل مل کي هلائڻ جو پروگرام آهي. هن چيو ته اسٽيل مل جي زمين تي سنڌ سرڪار پروسيسنگ زون قائم ڪري رهي آهي هي اسپيشل اڪنامڪ زون هوندو ۽ ان زون مان ٿيندڙ ڪمائي سان اسٽيل مل کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو ويندو. هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت سان ڳالهيون هلي رهيون آهن.

ان کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان پيپلز پارٽي ليبر بيورو پاران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي اهڙي سٺي ۽ اميد افزا ڳالهه ڪئي هئي ته جيڪڏهن وفاق کان اسٽيل ملز نه ٿي هلي ته سنڌ حڪومت اسٽيل مل پاڻ هلائيندي. هن پي آءِ اي ۽ اسٽيل مل سميت ٻين ادارن جي خانگائڻ جي مخالفت ڪندي چيو هو ته انهن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت هلايو وڃي. هن چيو ته اسٽيل مل جي زمين سنڌ حڪومت جي آهي. وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان ويهي ڳالهيون ڪري. وفاق سنڌ کي جي مرضي بنا اسٽيل ملز جي زمين بابت فيصلا نه ڪرڻ گهرجن. ان کي مل نه کپي ته اسين خريد ڪري ان کي بهتر نوني هلائينداسين.

اسان جو ته هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته اسٽيل مل جيئن ته پيپلز پارٽي جي باني اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نشاني آهي جيڪا سندس دور ۾ روس جي سهڪار سان پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ ٺهي هئي ته ان کي بچائڻ ۽ هلائڻ جي آخري ۽ اخلاقي ذميواري پ پ جي جماعت جي هئڻ گهرجي يا سمجهڻ گهرجي. ان حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري جو اهو موقف ٻڌي پاڻ کي بيحد سرهائي محسوس ٿي هئي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ بينظير ڀٽو جي پٽ اسٽيل مل جي مالڪي جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ وفاقي حڪومت کي آڇ ڏني آهي ته جيڪڏهن اها اسٽيل مل نه سنڀالي سگهي ته سنڌ حڪومت اها خريد ڪري پاڻ هلائڻ لاءِ تيار آهي. اسٽيل مل آهي به سنڌ جي زمين تي ۽ سنڌ ۾ صوبائي حڪومت به پ پ جي آهي ته اسان جو خيال آهي ته سنڌ حڪومت واقعي به اها خريد ڪري پاڻ هلائي.

هونئن به پ پ سدائين ادارن جي خانگائڻ جي خلاف رهي آهي. پي آءِ اي جي نجڪاري جي به پ پ خلاف آهي ۽ اها ملڪي ادارن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جي قائل آهي. پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي پاليسين ۾ به اهو بنيادي فرق رهيو آهي ته مسلم ليگ(ن) هميشه ملڪي ادارن کي خانگائڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي جڏهن ته پ پ ان عمل جي خلاف رهيل آهي. هاڻي جڏهن ٻئي جماعتون 8 فيبروري 2024ع جي چوندن جي نتيجي ۾ وفاق ۾ گڏيل حڪومت ڪري رهيون آهن ۽ آصف زرداري ملڪ جو صدر آهي ته اهي خدشا به پيدا ٿي رهيا اهن ته ان مختلف پاليسين ڪري مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي گڏيل وفاقي حڪومت ۾ ڏار نه پون. بهرحال بهتر اهو آهي ته ان اشوءَ تي پ پ ۽ مسلم ليگ(ن) پاڻ ۾ ڳالهائين ۽ جيڪڏهن ڳالهائڻ جي نتيجي ۾ وفاقي حڪومت اسٽيل سنڌ حڪومت جي حوالي ڪري ٿي ته  اسان ان جي آجيان ڪنداسين.اسٽيل مل جيڪا هن وقت سڄي ملڪ جو اثاثو آهي سنڌ جي ملڪيت ۽ اعزاز بڻجي ويندي.

ان حوالي سان ملڪيت ۽ اعزاز بڻجي ويندي پر ان حوالي سان هڪ انٽرويو ۾ مسلم ليگ جي حڪومت جي ئي ناڻي جي اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل هڪ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي دعويٰ ڪئي هئي ته پ پ کي اسٽيل مل ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي پر ان انڪار ڪيو هو.. مفتاح اسماعيل ته اهو به چيو هو ته اسٽيل مل ۾ ڪجهه ناهي رهيو اها ڪٻاڙي جي دڪان تي کپائڻ جهڙي آهي. اهو ته ٿيو مفتاح اسماعيل جو موقف پر جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت به هو اهو ئي سمجهي ٿي ته پوءِ اها ڪنهن ڪٻاڙي کي اسٽيل مل کي وڪرو ڪرڻ بدران جيڪڏهن سنڌ حڪومت کي وڪرو ڪري ته اسان سندس احسان  مند رهنداسين. ايئن اسان سنڌ حڪومت جا به ٿورائتا رهنداسين جيڪڏهن اها اسٽيل مل جهڙي اداري کي وفاقي کان خريد ڪري ان کي سنڌ جي ملڪيت بڻائي وٺندي.

ڪاش اهڙو ڏينهن اچي پر هڪ خيال اهو به آهي ته 2008 ۾ جڏهن پ پ کي وفاقي حڪومت ملي هئي ته تنهن دور ۾ پ پ حڪومت پاڻ به اسٽيل مل کي سنڀالي نه سگهي هئي ۽ نه ئي ان کي بحران مان ڪڍي سگهي هئي. چوڻ وارا ته اهو به چوندا رهيا ته پ پ جي ان دور ۾ ئي اسٽيل مل جي گهڻي تباهي ٿي هئي. بهرحال هاڻي سنڌ جي قومپرست جماعتن کي به ان حوالي سان پنهنجو موقف ڏيڻ گهرجي ته سنڌ حڪومت کي اسٽيل مل خريد ڪرڻ گهرجي يا نه. ايئن سنڌ جي دانشمند طبقي کي به ان معاملي ۾ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ گهرجي جيئن سڀني جي صلاح سان فيصلو ڪري سگهجي. پ پ لاءِ به اهو بهتر ٿيندو ته اها ان معاملي تي اتفاقي راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سڀني اسٽيڪ هولڊرن جي ڪانفرنس گهرائي اڪثريتي راءِ وصول ڪري. ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت جو پيسو سنڌ جو پيسو آهي، سنڌ متعلق ڪيل فيصلا سنڌ جا فيصلا آهن تنهن ڪري سنڌ بابت ڪو به فيصلو اڪيلي سر سنڌ حڪومت کي نه ڪرڻ گهرجي ۽ سڀني جي اعتماد سان گڏيل اتفاق سان فيصلا ڪبا ته اهو خود پ پ جي به مفاد ۾ هوندو.

ڪنهن به جمهوري حڪومت جي به اها تقاضا هوندي آهي ته اها جمهوري روح پٽاندڙ فيصلا ڪري. ايئن مسلم ليگ (ن) کي به اصولي طور سڀني ملڪي جماعتن کي آل پارٽيز ڪانفنرس گهرائي پڇڻ گهرجي ته وفاقي حڪومت اسٽيل کي خانگائي يا نه. خود اسٽيل مل جي انتظاميا ۽ اسٽيل مل ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کان به پڇڻ گهرجي ته اهي اسٽيل مل جي خانگائڻ جي حق ۾ آهن به يا نه. سنڌ حڪومت به ان معاملي تي راءِ عامه وٺي ته  اسان وٽ اسٽيل مل کي فعال ڪرڻ جو هي پروگرام آهي ته اسٽيل مل جي زمين تي سنڌ سرڪار پروسينگ زون قائم ڪري رهي آهي. اهو اسپيشل اڪنامڪ زون هوندو ۽ ان مان ٿيندڙ ڪمائي مان اسٽيل مل کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو ويندو. شل ايئن ئي ٿئي پر ان لاءِ سنڌ حڪومت کي مثالي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.