اسلام آباد (بيورو+ م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد ملاقات ڪري سنڌ ۾ وفاقي منصوبن ۽ بجيٽ تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايم ڪيو ايم ترجمان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندڙ وفد جي اڳواڻي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪئي. جڏهن ته فيصل سبزواري، مصطفيٰ ڪمال، ڊاڪٽر فاروق ستار، سيد امين الحق، جاويد حنيف ۽ حفيظ الدين شامل هئا ملاقات ۾ سنڌ ۾ وفاقي منصوبن ۽ بجيٽ تجويزن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ ڪراچي جي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايم ڪيو ايم سنڌ جي نوجوانن جي بيروزگاري جو معاملو اٿاريو. ايم ڪيو ايم مطالبو ڪيو ته صوبائي حڪومت سنڌ جي نوجوانن کي ڪوٽا تي به روزگار فراهم نه ٿي ڪري، سنڌ جو عوام مهانگائي، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ ڳري بلن کان پريشان آهي. وزيراعظم شهباز شريف شهري سنڌ جي نوجوانن کي وفاقي حڪومت ۾ ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ ۽ خوشحال يوٿ پروگرام تحت ڪاروبار لاءِ قرض ڏيڻ جو پڻ يقين ڏياريو. وزيراعظم چيو ته هو سنڌ جي شهرين کي سولر پينلز لاءِ به قرض فراهم ڪندو. شهباز شريف ايندڙ بجيٽ ۾ سنڌ جي شهرين کي وڏو رليف ڏيڻ جو واعدو پڻ ڪيو. ايم ڪيو ايم جي وفد ڪراچي حيدرآباد ۾ ڪي فور منصوبي ۽ نون ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.