نوجوانن ۾ سگريٽ نوشي جي لاڙي ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي اربن نفسياتي ۽ منشيات اسپتال جي ڊائريڪٽر سيد صلاح الدين  اختر ڪراچي پريس ڪلب ۾سگريٽ نوشي جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان آگاهي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تھ پاڪستان ۾ سگريٽ نوشي تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي، پاڪستان اندر ننڍي عمر وارن ڇوڪرن جون سگريٽ نوشي جو رجحان وڌي رهيو آھي، جيڪو نھايت ئي خطرناڪ معاشي رجحان آھي، پاڪستان ۾ ھر ايندڙ ڏينهن سگريٽ نوشي ڪندڙن ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيندو پيو وڃي. ھن چيو تھ پي ڊي ايڇ ايس پاران ڪيل سروي مطابق پاڪستان ۾10 سيڪڙو عورتون سگريٽ نوشي ڪن ٿيون، جڏھن تھ ملڪ اندر اسڪولن ۾تعليم حاصل ڪندڙ نوجوان به سگريٽ نوشي ۾ ملوث رھن ٿا. ھن وڌيڪ چيوته ملڪ اندر منشيات جو استعمال وڌي رهيو آھي جنھن سبب ڪيترائي ماڻھو ساھھ جي تڪليف سميت مختلف خطرناڪ بيمارين وگھي زندگي گذاري رھيا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.