اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ڪڻڪ پرڏيهه مان گهرائڻ ۾ ملوث آفيسرن خلاف وڌيڪ ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف 4 معطل آفيسرن خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي. واپار واري سيڪريٽري صالح فاروقي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو. معطل ٿيل آفيسرن خلاف سول سرونٽس ايفيشينسي اينڊ ڊسيپلين رولز 2020 تحت انڪوائري ڪئي ويندي. ياد رهي ته شروعاتي جاچ ۾ نيشنل فوڊ سڪيورٽي واري وزارت جي 4 آفيسرن کي ناقص پلاننگ ۽ غفلت جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو.