ڍاڪا سانحي جو حوالو ڏيڻ فوج تي تنقيد ناهي: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 1971ع ۾ ڍاڪا جي  حملي جو حوالو سياسي نقطه نگاهه کان ڏنو، فوج تي تنقيد نه ڪئي. هن سوشل ميڊيا تي عمران خان سان منسوب بيان جي حمايت ڪئي آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته 1971ع ۾ به هڪ پارٽي اڪثريت حاصل ڪئي پر ان کان مينڊيٽ کسي ويو. جڏهن ته بئريسٽر گوهر چيو ته اسان نه عوامي ليگ آهيون ۽ نه خان صاحب شيخ مجيب الرحمان. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته عمران خان ٽوئيٽ ۾ هر لفظ پاڻ نه ٿو لکي.  جڏهن ته هڪ بيان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان عمران خان خلاف ڍاڪا جي واقعن تي ٻڌل زهريلي پروپيگنڊا کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پارٽي ترجمان جو چوڻ آهي ته 1971ع جي افسوسناڪ واقعن جو ذميوار عمران خان يا تحريڪ انصاف نه پر ڀٽو آهي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين 70 جي ڏهاڪي جي واقعن جو حوالو ڏنو ته جيئن پاڪستان کي ورهائڻ واري تاريخ کي ورجائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. جيڪڏهن عمران خان محب وطن ناهي ته هن ملڪ ۾ ڪو به محب وطن ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.