پي ٽي آءِ پاران عمران خان جي آزادي لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان

پشاور ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. صوابي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته وفاقي حڪومت فوري طور تي بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري. جيڪڏهن لوڊشيڊنگ بند نه ڪئي وئي ته پوءِ اسان سان ڪا به شڪايت نه ڪندا. اسد قيصر چيو ته عوام پي ٽي آءِ جي باني کي مينڊيٽ ڏنو آهي. هو باني جي آزادي لاءِ تحريڪ شروع ڪرڻ وارا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.