ڪراچي ( رپورٽر ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس 29 مئي (اڄ) پير پاڳاري جي صدارت ۾ٿيندو جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم اعلان ڪيو آھي تھ جي ڊي اي جي ڪور ڪميٽي جو اھم اجلاس جي ڊي اي جي سربراھ پير صاحب پاڳاري جي صدارت ۾ 29 مئي ٿي ٿيندو، اجلاس ۾جي ڊي اي جا مرڪزي اڳواڻ شرڪت ڪندا، جڏھن تھ اجلاس ۾ اھم فيصلا ڪيا ويندا. سردار عبدالرحيم چيو ته سنڌ حڪومت مخالفن کي هراسان ڪرڻ لاءِ فسطائيت تي لھي آئي آھي، روزانو جي بنياد جي جي ڊي اي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن،ھن چيو تھ اجلاس ۾موجوده سياسي صورتحال،مھانگائي، امن امان جي بدترين صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو ،هن چيو ته گيس ۽ بجلي جي اگهن ۾ ناقابل برداشت اضافي سان گڏ لوڊشيڊنگ تي غور ويچار ڪيو ويندو،سنڌ م ڌاڙيل راڄ جي خاتمي لاء فوجي آپريشن شروع ڪرڻ جي مطالبي تي به ڳالھ ٻولھ ٿيندي.