شهيد جا قاتل ڀلي بااثر هجن،گرفتار ڪنداسين: پير محمد شاهه

گهوٽڪي(ڊ ر)ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه، ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي تڏي تي رات جي پهر ۾ پهچي ويا، وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه وارثن کي چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو خون رائيگان نه ويندو، انشاء الله جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو آهي، ۽ هن غريب ۽ مظلوم عوام جو سھارو بڻيو آهي، هن چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ جيڪو به ملوث هوندو يا هو ڪيترو به بااثر هوندو ان کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏياريندا سون، هن وڌيڪ چيو ته پوليس پنهنجي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن اصل جوابدارن تائين پهچي سگهون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.