شهيد جو ٽيجهو، نصرالله حق ۽ سچ جو آواز اٿاريو: هاري ڪميٽي

ميرپورماٿيلو (رپورٽ:پريم راٺوڙ)ميرپورماٿيلو جي صحافي شھيد نصراللہ گڏاڻي جو ٽيجھو ٿي گذريو جنهن ۾ شھرين، صحافين ۽  سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ شرڪت وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. شھيد نصراللہ گڏاڻي جي قل خواني (خيرات) ميرپورماٿيلو لڳ ڳوٺ قبول خان گڏاڻي ۾ ٿي گذري جنهن ۾ صحافين، شھرين سياسي سماجي تنظيمن سميت چونڊيل نمائندن پڻ وڏي انگ ۾ ڪئي. شھيد جي مغفرت لاء خاص  دعا پڻ گھري وئي شھيد جي تڏي تي پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي عبدالباري پتافي، ميان مٺو، صغير احمد لنڊ، حيدرآباد مان ڪالم نگار ذوالفقار قادري،ھاري ڪميٽي جو اڳوڻ اڪبر جتوئي سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي ھاري ڪميٽي جي اڳواڻ اڪبر جتوئي چيو ته شھيد حق سچ جو آواز ھيو جنھن کي قتل ڪري آواز دٻايو ويو. جيڪڏهن ھو ڪنھن ڀوتار، پير مير کي نٿو مڃي ته ڇا انھي کي قتل ڪيو ويندو اھا اسان جي سنڌ ناهي اسان ھرگز ائين ٿيڻ ڪونه ڏينداسين. حيدرآباد شھر سان تعلق رکندڙ ڪالم نگار ليکڪ ذوالفقار قادري چنڙ جو چوڻ هو ته آءُ شھيد جي جذبي کي سلام ٿو پيش ڪريان انھي جذبي ڪري اتان ڪھي ڪري غم ۾ شامل ٿيو آھيان ته ھن ظالمن جي سماج ۾ رھي ڪري انھن کي ئي للڪاريندو رھيو. صحافين ثاقب گڏاڻي، شفقت قاضي، پريم راٺوڙ، لطيف لغاري، الھورايو بوزدار، خادم عباسي، تاج ٽانوري ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته صحافي نصرالله گڏاڻي کي رستي ويندي ڪرائي جي قاتلن شهيد ڪيو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.