پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ لاٿ جو امڪان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پهرين جون کان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
پيٽروليم ڊويزن ذريعن موجب، پيٽرول في ليٽر پنج رُپيا سستو ٿي سگهي ٿو جڏهن ته ڊيزل جي قيمت چار رپيا في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، حتمي فيصلي تائين پهچڻ ۾ ايندڙ ٻه ڏينهن اهم آهن ڇو ته اوگرا جي سمري 31 مئي تي ايندي جنهن کانپوءِ ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي مشاورت سان حتمي فيصل ڪندي.

Petrolprice Pakistan NewRates

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.