مجيب بابت بيان تي فوج کي ڪاوڙ، عمران ڇهه نڪتا نه پيش ڪري\مقتدر حلقا

اسلام آباد( م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان پاران شيخ مجيب بابت بيانن تي فوج اندر ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي. نيا دور ٽي وي ٽاڪ شو ۾  ڳالهائيندي صحافي اعجاز مهر چيو ته عمران چاهي ٿو ته نوجوانن کي ايترو ڀڙڪائي جو اسٽيبلشمينٽ جي ڪنٽرول مان نڪري وڃن. هو 1971ع واريون حالتون پيدا ڪري پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو.  تاريخ دان ڊاڪٽر يعقوب بنگش چيو ته اڄوڪي پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان ناهي. هن آزاديءَ جي ڳالهه نه ڪئي، جيستائين فوج اوڀر پاڪستان ۾ آپريشن شروع نه ڪيو. عمران خان وساري ٿو ته شيخ مجيب الرحمان ڪڏهن به فوجي اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ناهي ڪئي، نه چيو آهي ته مون کي اقتدار ۾ آڻيو، مان توهان جون سڀ ڳالهيون قبول ڪندس. سندس سڄي سياسي ڪيريئر دوران سندس موقف ثابت قدم رهيو ۽ هو پنهنجي اصولن تي قائم رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.