ڪير به حمود الرحمان ڪميشن ۽ ڪارگل بابت جواب نه ٿو ڏئي\عارف علوي

ڪراچي ( رپورٽر ). ملڪ جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئون ماڻهن کان پڇندو رهيس ته حمود الرحمان ڪميشن مان ڪجهه  سکيو يا ڪارگل واقعي مان ڪجهه سکيو ته ان تي ڪو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناھي، جڏھن ته حمود الرحمان ڪميشن پڙهائي به نه ٿي وڃي. هن اها ڳالهه ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پي ٽي آءِ جي احتجاجي ڪيمپ تي پھچي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چئي هن چيو ته افسوس جي ڳالھ آھي ته اسانجي احتجاجي ڪئمپ کي گذريل ڏينهن پٽيو ويو ھو. ھن وڌيڪ چيو ته ملڪ اندر پريس ڪلب ان لاءِ هوندو آهي ته جنهن به ڌر کي ڪوبه اعتراض ھجي ته اُتي پھچي پر امن احتجاج ڪري پر بدقسمتيءَ سان انھيءَ پر امن احتجاجين سان به غلط رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو. اڳوڻي صدر چيو  ته گذريل ٻن سالن کان عمران خان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ چوي ٿو پر ان سان ڳالھيون نه ٿيون ڪيون وڃن. ھن چيو ته ملڪ جي معيشت ان وقت تائين ٺيڪ نه ٿيندي جيستائين عوام جي حڪمراني قائم  نه ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.