ڪراچي (رپورٽر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي ايٽمي طاقت بڻجڻ کي 26 سال مڪمل ٿيڻ تي سڀني پاڪستانين کي مبارڪون ڏنيون آهن.پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ اسان قائد عوام شهيد ڀٽو جي ليگيسي کي ياد ڪريون ٿا جنهن پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻائڻ جو خواب ڏٺو.هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عالمي دٻاءَ جي باوجود پنهنجي خواب کي عملي جامو پارائڻ لاءِ ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو، اڄوڪي ڏينهن اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي به ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي والد جي ويزن کي ثابت قدمي سان اڳتي وڌايو. سندس چوڻ هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون جديد ميزائل ٽيڪنالاجي جي فراهمي سميت پاڪستان جي دفاع لاءِ اهم خدمتون آهن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1998 ۾ اپوزيشن ليڊر طور زور ڏنو هو ته ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو وقت جي حڪومت تي دٻاءُ وڌو ته ڀارتي اڳرائي خلاف فيصلائتو جواب ڏنو وڃي.پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته اسان جي سائنسدانن ۽ انهن سڀني ماڻهن کي سلام پيش ڪريان ٿو جن پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، ايٽمي پروگرام جا سائنسدان ۽ ان سان واڳيل ٻيا ماڻهو اسان جا هيرو آهن.پاڪستان پيپلزپارٽي گهٽ ۾ گهٽ جوهري ڊيٽرنس جي قومي پاليسي برقرار رکڻ جي حامي آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي ايٽمي پکيڙ سميت هٿيارن جي عالمي ڊوڙ خلاف آواز اٿاريندي رهندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان پنهنجين ڪاميابين جو جشن ملهائيندي هڪ محفوظ، پرامن ۽ جمهوري پاڪستان لاءِ وچن ڪيون ٿا.