اسلام آباد( بيورو رپورٽ) وزيراعظم اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي جنهن ۾ شهباز شريف اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل ڪابينا ڪميٽي جو چيئرمين هوندو. ڪابينا ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪابينا ڪميٽي جي ميمبرن ۾ 11 وفاقي وزير شامل هوندا. نوٽيفڪيشن موجب ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، بچاءَ وارو وزير خواجه آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام وارو وزير، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير، بجلي وارو وفاقي وزير، پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير، ناڻي وارو وفاقي وزير، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير. سيڙپڪاري بورڊ، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير ۽ پيٽروليم وارو وزير ڪميٽي جا ميمبر هوندا. ان کان علاوه آرمي چيف، صوبائي وڏا وزير ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر به خصوصي دعوت ذريعي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهندا. ياد رهي ته ايس آءِ ايف سي ڪابينا ڪميٽي سيڙپڪاري بابت فيصلا ڪندي ۽ پنهنجون سفارشون ڪابينا ڪميٽي کي موڪليندي، جنهن جي منظوري وفاقي ڪابينا ڏيندي. ان کان اڳ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) جي 10هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايس آءِ ايف سي رڳو فوجي آفيسرن جو نالو ناهي. هن جي ڪارڪردگي تنقيد ڪندڙن کي بي زبان ڪري ڇڏيندي.