جج محب وطن پر ڪجهه ڪارين رڍن ذريعي عمران 190 ملين پائونڊ جي ڪرپشن ڪئي:شهباز شريف

لاهور(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان جيڪو فوجين جي پيرن تي ويهندو هو هاڻي ڍاڪا سانحي بابت عوام کي گمراهه ڪري رهيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل اجلاس کي  خطاب ڪندي هن چيو ته پارٽي طرفان مون تي جيڪو اعتماد ڪيو ويو هو اڄ شڪرگذاري سان پارٽي حوالي ڪيو ويو آهي. پنجاب ۾ مريم نواز ۽ وفاق ۾ نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت کي بحال ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته سازش ڪندڙن جا منهن ڪارا ٿي ويا ۽ نواز شريف ڪامياب ٿي ويو، کيس پاناما ۾ اقامي تي ڪوڙي ڪيس ۾ سزا ڏني وئي. شهباز شريف چيو ته عمران خان جيڪو فوجين جي پيرن تي ويٺو هو ۽ اڄ ڍاڪا جي سانحي تي پاڪستان جي حوالي سان مجيب الرحمان ۽ ٻين کي ڀيٽي رهيو آهي، عمران خان لنڊن ۾ شهيدن ۽ غازين بابت جيڪا تقرير ڪئي، اها وڊيو ڪنهن کي نظر اچي ته هو هن جي زبان ڪاٽي ڇڏي . وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي نه آئي ته نه ڪو سياستدان هوندو ۽ نه ئي جج. هن چيو ته جج محب وطن آهن پر ڪجهه ڪاريون رڍون آهن جن ذريعي عمران خان 190 ملين پائونڊن جي ڪرپشن ڪئي، ججن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته نواز شريف جي دور ۾ ضمانت نه هئي ۽ اڄ به ضمانتون ملي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.