نواز شريف جي بيان تي جواب يا ڪمينٽ نه ڏيندس: ثاقب نثار

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ صدر نواز شريف جي بيان تي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جو ردعمل سامهون اچي ويو. اڳوڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار، نواز شريف جي بيان تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪندي چيو ته مان اهڙي ڪنهن ڳالهه جو جواب نه ڏيڻ چاهيندس، سچ جي سڀني کي خبر آهي، ڪنهن جي چوڻ سان ڇا ٿيندو. هن چيو ته هر ڪنهن کي اظهار جي آزادي جو حق حاصل آهي، نواز شريف به پنهنجي خيالن جي اظهار ۾ آزاد آهي، نواز شريف جيڪو چيو، مان ان تي جواب يا ڪمينٽ نه ڏيندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.