نصرالله گڏاڻي ڪيس ۾ اڃا جوابدارن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي: ڊي آءِ جي سکر

سکر (رپورٽ:آزاد مهر) ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس (ڊي آءِ جي) سکر سيد پير محمد شاهه ڏوهارين کي پيغام ڏنو آھي ته هو  ڏوھ ڪرڻ ڇڏي ڏين يا علائقو ڇڏي وڃن هاڻي دمادم مست قلندر جو وقت اچي ويو آهي، ڌاڙيلن سان مقابلي لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آھي، جلد ئي ان تي عمل ڪيو ويندو، اهڙن خيالن جو اظھار هن سکر جي سينيئر صحافين جي وفد سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو، سيد پير محمد شاھ وڌيڪ چيو ته سکر جي صحافي جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي به چتاءُ ڏنو آهي ته هو پاڻ کي اسان جي حوالي ڪن يا نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رهن، جڏهن ته صحافي  نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ پوليس اڃا تائين جوابدارن جي سڃاڻپ نه ڪري سگهي آهي پوليس شڪي ماڻھن کان پڇا ڪري پئي گرميءَ جي شدت سبب  ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ ڏکيائيون ضرور آهن، پر اسان جو حوصلو بلند آهي

  1. شهيد نصرالله جي قتل جي وڊيو جاچ جو حصو بڻايو: اشرف سمون

ملير (ڊ ر) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي، شهيد نصرالله گڏاڻي تي ٿيل  قاتلاڻي حملي جي وقت واري وڊيو کي جاچ جو حصو بڻايو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل ايڊووڪيٽ محمد اشرف سمون پنهنجي بيان ۾ ڪيو، ايڊووڪيٽ محمد اشرف سمون چيو ته سنڌ ۾ ظالم ۽ ڪرپٽ سسٽم جو راڄ آهي عوام کي پنهنجي حقن جي جنگ پاڻ وڙهڻي پوندي ڪرپٽ ۽ وڏيرا شاهي نمائندا غريب عوام جي نمائندگي نه ڪندا. باشعور طبقو صحافي، وڪيل ۽ سنڌ جو نوجوان سنڌ جي حقن جي لاءِ مظلوم قوم جي قيادت لاءِ ٻاهر نڪرن ڇو ته ان کان سواءِ ٻي ڪا واٽ ناهي، اسان حڪومت توڙي عدليه کان گهر ٿا ڪيون ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي تي ٿيل قاتلاڻي حملي وقت جي وڊيو کي جاچ جو حصو بڻائي قاتلن کي ترت گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.