ماٽيلي ماءُ جو ڏينھن !

تحرير: امر جليل

گذريل آچرجي ڳالھه آھي  صبح سوير درويش جو فون آيو. درويش چيو ته ”قلندر  اڄ ماٽيلي ماءُ جو ڏهاڙو ملهائي رھيو آھي. تنهن  پڪنڪ تي ھلڻ کان معذرت ڪئي آھي“ اسين چار دوست قلندر، درويش، صوفي ۽ مان هر آچرجي ڏينھن  ڪراچيءَ جي آسپاس پڪنڪ ملھائڻ ويندا آھيون، اسان چارئي  دوست سينئر سٽيزنز ٿي چڪا آهيون. پر پڪنڪ تي اچڻ وڃڻ کان ناهيون مڙندا. توهان خبر ناهي ته ڇا سوچي رهيا ھوندا، مان توھان جي غلط فهمي ختم نٿو ڪريان. اسان چار ئي سينئر سٽيزنز دوست من موجي نھ آهيون. اسين  لال لغام وارا پوڙھا گهوڙا به نه آهيون. اسان اڪثرسنڌن جي سور ۾ ورتل رھندا آهيون. اسان سڀئي دل جي ننڍي ۽ وڏي عارضي ۾ مبتلا رھندا آهن.اکين سان ڏسڻ به گهٽ ايندو آهي،سڻڻ گھٽ ايندو آھي، ڪجھه  ڳالھيون سمجھه  ۾ اينديون آھن. ڪجھه  ڳالھيون سمجھه  ۾ نه اينديون آھن. ڏکڻ وڃڻ  جو ارادو ڪري گھران نڪرندا آھيون ۽ اتر ڏانھن وڃي نڪرندا آھيون، ڪڏهن ڪوٽ کي قميص ۽ قميص کي ڪوٽ سمجهڻ لڳندا آھيون.پر چارئي دوست ”آچر  پڪنڪ“ تي وڃڻ کان نه مڙندا آھيون.

زندگيءَ جي خلائن کي اسان واجبي  پڪنڪ سان ڀري رکيو آهي. ڪاليج جي زماني کان اسان آچر جي ڏينهن آچر  پڪنڪ ۽ رنگ رليون ملهائڻ جو پروگرام شروع ڪيو هو. پنهنجي پروگرام تي عمل ڪندا ھئاسين.تڏھن اسين دوست پاڻ ۾ لڳ ڀڳ چاليهھ ھوندا ھئاسين.ڪاليج جي چئن سالن جي طالب علمي دوران  اسان چاليهن مان گھٽجي ٽيهه ۽ پوءِ ٽيهه مان  گھٽجي ويهه رھجي وياسين. يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران پڪنڪ تي ويندڙ اسان دوست ويھن مان گهٽجي ڏھھ ٿي وياسين.روزي روٽي جي چڪر ۾دوستن جو تعداد درجھ بھ درجھ گھٽ ٿيندو پئي ويو.ڪاليج مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ اڪثر دوستن جي والدين شادي ڪرائي ڇڏي. پوءِ دوستن قوم کي ٻچا ڏيڻ شروع ڪري ڏنا،ڪجھه  دوست پنساري جو دڪان کولي ويھي رھيا،ڪجھه  دوست ٿوڪ ۽ پرچون،سبزي وڪڻڻ لڳا.ڪجھه  دوست ڪٿي ڪلرڪ ۽ ڪي ڪٿي پوليس وارا بڻجي ويھي رھيا، پوليس ۾ ويندڙن وڏي ترقي ڪئي ۽ انھن جو ڏسندي ئي ڏسندي پيٽ نڪري آيو.توھان جو وڌيل پيٽ توھان جي آسودگيءَ ۽ خوشحالي جي نشاندھي ڪندو آھي.باقي رھيل پڪنڪي دوست جڏھن ڊگريون وٺي يونيورسٽي مان فارغ ٿيا تڏھن اسان جو گھٽ ٿي ڪري ڏھ رھجي ويو ھو.

پڪنڪ دوران اسان دوست گهڻو ڪري دوستن جي گهٽجندڙ  تعداد جي باري ۾ سوچيندا ھئاسين.ھڪ زمانو ھو جو اسين  چاليهه جي لڳ ڀڳ دوست آچر تي پڪنڪ تي نڪري ويندا هئاسين. پوءِ اسان جو تعداد چاليهه مان گهٽجي ٽيهه رھجي ويو.ٽيهه دوستن مان گھٽجي ڪري ويهھ جي زمري ۾ اچڻ  ۾ اسان کي دير نھ لڳي.مٿو اسان جو تڏھن ڦريو، جڏهن اسان دوست گهٽجي ڏھن تائين وڃي پهتاسين ، اسان ڏهه دوست نوڪريءَ ۽ زندگيءَ جي لاھين چاڙھين دوران عدم موجود ٿيندا رهياسين. هڪ ٻئي کان  اوجھل  رھجي وياسين.

سينيئر سٽيزن ٿيڻ کان پوءِ اسان پاڻ ۾ باقي چار دوست رهجي ويا آهيون: درويش، قلندر، صوفي ۽ مان. پڪنڪ دوران لا محالھ اسان پنھنجي عدم موجودگيءَ جي باري ۾ ڳالھيون ڪندا رھندا ھئاسين.اسان ڪٿان اچون ٿا،ڪٿي وڃون ٿا ؟هتان ڪوچ ڪري وڃڻ کان پوءِ اسان دوست وري گم نام دنيائن ۾ وري ملندا بھ آھيون يا نھ. هتان کان، اسان کان اڳ موڪلائي ويندڙ دوست اڻڄاڻ ،نامعلوم، پراسرار دنيا ۾ باقي رھيل دوستن جي اچڻ جو انتظار ڪندا آھيون؟ ڇا ٿيندو آھي اسان جي وڃڻ کان پوءِ ؟ اسان جي مرڻ کان پوءِ ؟ اهي سڀ ڳالهيون توھان کي انڪري ٻڌايون آھن ته جيئن توهان اسان کي ڳاڙهي لغام وارا گهوڙا نه سمجهي ويھو.سڀ  چوڻ ۽ ٻڌڻ جون اھي کل جھڙيون ڳالھيون آهن، ڪو غيرواقف پوڙھو ازلي سفر تي رواني ٿيڻ کان اڳ رنگ رلين ۾ مبتلا  رھيو ھجي، سڀ پوڙھا من موجي ۽ رنگيلا ناھن ھوندا.اسان جڏھن دوست سڄڻ کي  ابدي سفر ڏانهن روانو ٿيندي  ڏسندا آهيون. اهو به، هڪ جي پٺيان ٻيو، تڏھن اسان باقي رھيل زندگيءَ  وسامندي،زندگيءَ جي ڏيئي کي ڪڏھن وسامندي ڪڏھن ٻرندي ڏسندا رھندا آھيون.

اسان جي ھن دنيا ۾اچڻ جي اذيت ماءُ ڀوڳيندي آھي ھن دنيا مان روانگي جي اذيت اسين ڀوڳيندا آھيون.اسان چارئي دوست، درويش، قلندر، صوفي ۽ مان، پوڙھا پنھنجو پاڻ کي ھڪ ٻئي جي لاءِ غنيمت سمجھندا آھيون. گذريل آچر تي پڪنڪ تي وڃڻ کان  قلندر جي معذرت ڇرڪائيندڙ ھئي.ورھين جي ياري ۾ قلندر ڪڏھن ڪڏھن بھ ماٽيلي ماءُ  جي ڏينھن ملھائڻ جي ڳالھه نھ ڪئي ھئي. اسان ڄاڻون پيا تھ قلندر ھڪ ماٽيلي ماءُ جي ڇانو هيٺ پرورش ماڻي وڏو ٿيو ھو. قلندر جي ماءُکي مري وڃڻ بعد ھن جي والد ٽن ٻارن واري ماٽيلي ماءُ سان پرڻو ڪري کيس آندو ھو.ماٽيلي ماءُ ٻين ٽن ٻارن کي جنم ڏنو. اوچتو قلندر جي ماٽيلي ماءُ ڇهن ٻارن جي سار سنڀال پالڻ تاتڻ جي ذميواري  قلندر کي ڏئي ڇڏي.ماٽيلي ماءُ بڻجي سنوري، سورھن سينگار ڪري تيار ٿي پئي ڦرندي ھئي. ڏسندي ئي ڏسندي قلندر ڇهن ٻارن کي پالڻ سنڀالڻ سان گڏ رڌڻو سنڀالڻ لڳو، ناشتو، ٻپھرن جي ماني ۽ رات جي ماني ٺاهڻ  قلندر جي فرضن ۾ شامل  ھو. ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ماٽيلي ماءُ لاءِ چانهه ٺاهيندو هو. ننڍڙي نھ ڀل چڪ تي ماٽيلي ماءُ قلندر کي گھڻو مارموچڙو ڪندي ھئي.ڪڏھن بيد جي ڏنڊي سان،ڪڏھن ڪنڊي واري ڇڙي سان ۽ ڪڏھن پتلون جي پراڻي بيلٽ سان.بيلٽ قلندر جي والد ماجد جو ھو.جيڪڏهن ڪڏهن گھڻي ڪاوڙ ۾ اچي ماٽيلي ماءُ قلندر جا ھڏ گڏ ڀڃي ڇڏيندي ھئي. تڏھن  قلندر دوستن کي ٻڌائيندو هو ته رستو پار ڪندي ھو گڏھ گاڏي جي هيٺان اچي زخمي ٿي پيو. مون درويش کي چيو، ”اھڙي ھلاڪو ماٽيلي ماءُ جي ڏينھن ملھائيندي قلندر کي شرم نه ٿو اچي ؟“ گڏيل قومن مئي جي آخري آچر کي ماٽيليءَ ماءُ جو ڏهاڙو مقرر ڪري ڇڏيو آھي.ايندڙ آچر ويڳي پيءَ جو ڏينھن آھي“؟

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.