پٺتي پيل زراعت تي زرعي محصول جي اوڳاڙي

تحرير: "راز"علي گل ڀٽو

ملڪ جي زراعت اڳيئي زوال پذيرآھي.جيڪا ھر ايندڙ حڪومت جي ترجيحات ۾شامل ئي ڪونھي.جنھن جو سرڪاري طور ڪو والي وارث ڪونھي.ملڪ جي زراعت جو اھو حال آھي جيئن ڪو مارجي ويل لاوارث لاش روڊ تي پيل ھجي.جنھن کي پوليس کڻي اسپتال پھچائي گھمائي ڦيرائي وارثن جي حوالي ڪري.باقي پٽڪو ڪٽڪو روڄ راڙو وارثن جي ذمي آھي.

زراعت جنھن سان ملڪ جي اسي سيڪڙو آباديءَ  جو روزگار واڳيل آھي ۽ گھڻي ڀاڱي ڪيترن ڪارخانن جو دارومدار به زراعت سان واڳيل آھي.پر ان ڏي حڪومتي ڌيان ٻڙيءَ  برابر آھي .ڪارخانيدار به اڳيان پويان ٻنھي ھٿن سان زاعت کي لٽي ڦري رھيا آھن.جنھن ۾ٽريڪٽر ۽ ٻيا زرعي اوزار ڪارخانيدارن جا زرعي دوائون ڪارخانيدارن جون ٻج ڀاڻ واپارين ۽ ڪارخانيدارن جي قيد ۾ ۽ پاڻي زميندارن ۽ وس وارن طاقتورطبقي جي ھٿ وس رھي ٿو.ھاري لوڻ مرچ کان وٺي ھر جنس خريدڻ مھل به محصول ادا ڪري ٿو. زراعت تي زميندار جيڪي خرچي ٿو اھو ھاري ۽ زمين کان فصل لھڻ مھل اوڳاڙي ٿووٺي.ھاري ويچارو اڳ کاڌيءَ  ۾ پورو ٿي وڃي ٿو.وياج تي وياج ۽ قرض ئي نٿو لھيس.زراعت بي ترتيب پوکائيءَ  کان وٺي لاباري ٿيڻ تائين حڪومتي سطح تي لاوارث آھي.

زراعت کاتو وري زراعت لاءِ  اڏوھي آھي.کاتي جا عملدار رڳو اربين رپيا بجيٽ کپائڻ لاءِ  ڀرتي ٿيل آھن. ننڍي ۾ننڍو عملدار فيلڊ اسسٽنٽ به حد ۾وڃڻ ته پري آپر مقرر ڪيل دفتر ۾به نٿو ويھي جو ھاري اچي کائنس مشورو وٺي سگھي. پگھارن۽ ٽي اي ڊي اي جا بل وري اھو ٿا ڏيکارن ته ھمراهه حد کان ٻاھر ته وڄن ئي ڪونه ٿا. آبدار داروغا بيلدار سرويئر ايس ڊي اوز ته واھن شاخن ۽ اڏن کي وساري ويٺا آھن.اھي وري حد جي وڏيرن جي حوالي آھن.واھن ۽ شاخن تي پوکيل وڻ اڻ ڏٺل ھمراھن کان وڍرائي کپائي کائڻ ڪپرن جي مافيائن کي وڪڻڻ کاٽيءَ  جافنڊ کاٽيءَ  بجاءِڳڙڪائي وڃڻ ۽ کاٽي نه ٿيڻ ڪري پڇڙيءَ  جون پوکون  سڪائڻ جا ماھر لڳا پيا  آھن.

اوھان بئراجن جي منڍ کان شاخن جي پڇڙين تائين ھليا وڃو مجال آھي جو اوھان کي ھڪ به آبپاشي اھلڪارملي وڃي.جيڪڏھن ڪو نظربه آيوته لاپي لائيءَ  جي ڪڍ ھوندو.آبپاشيءَ  کاتي جوپنھنجو نظام ھيو اھو به ماڊولن ۽ سلوسن جيان ختم ٿي ويو.آرڊيون ميل پٿر لانڍيون باغ باغيچا ختم ٿي ويا.انھن تي والار ٿي وئي.جن جو اڄ ڏينھن تائين ڪو والي وارث به ڪونھي ته اھي سرڪاري ملڪيتون ڪھڙي بالاسار ۾گم ٿي ويون.ان انگريز جي ڏنل بھترين نظام کي اسان ٺاھڻ بجاءِ ڊاھڻ جي ڪڍ آھيون.زميندارياھاري جڏھن ٻج ۽ ڀاڻ يازرعي دوائون خريد ڪري استعمال ڪن ته اھي نقلي نڪريو ٿا پون.جن تي نظررکڻ وارا ادارا اکيون ٻوٽيون ويٺا آھن.زرعي پورھيت کي نفعو نفعي جي ماڳ کيس لاڳت به ڳچيءَ  ۾پئجيو وڃي.اھڙي طرح ھوڦرجيو وڃي ٿو.جنھن جونه ڪو داد نه فرياد آھي.زراعت لاوارثن جيان لٽبي رھي ٿي.ڪو سارلھڻ وارو ڪونھي.بي ڌيانيءَ  جي ڪري واهه شخن جو ۽ شاخون واٽرڪورسن جو ڏيک ڏئي رھيا آھن.ھر ڪو ڳنڍا ڏيون ماڊول ڀنڃون پاڻي وڌائي ڇڏي ٿو.نتيجي۾پڇڙيءَ  جافصل سڙيو سوڪ ٿيو وڃن.

زراعت ڏانھن سرڪارجي اھا بي ڌياني ڪجهھ عرصو جاري رھي ته اھووقت پري ناھي جو پوري صدي اڳ انگريز جوجوڙيل ھيءَ  عاليشان نھري نظام تباهه ٿي ويندو ۽ سرڪار بئراجن کان واھن جا دروازا بند ڪري سموري آبپاشي نظام کي خانگائڻ جا اشتھار ڏياريندي.جنھن سان نھري پاڻي .ٺيڪيدارن جي چند ھٿياربندن جي ھٿ وس ٿي ويندو.جيڪي شھري پاڻيءَ  جيان نھري پاڻيءَ  تي ڪاروبار ڪندا ۽ اھڙي ريت سنڌ جون زمينون ويران ٿي وينديون.جڏھن نھري پاڻي ٺيڪيدارن جي وس ٿيندو ته ان وقت زراعت جو ڪھڙو حشرٿيندو اھو ايندڙ وقت ٻڌائيندو.جڏھن ته موجوده حالتون ٻڌائين ٿيون ته اھو وقت جلدي ايندو.ڇوته اسان جي حاڪمن کي گھرکپائي گھرھلائڻ جي ھير پئجي وئي آھي.نھري پاڻي به سرمائيدار ڪاروباري ماڻھن جي نظرن ۾سونيءَ  جھرڪيءَ  وانگرآھي.

اڪثر معاشي ماھر شھري عوامي نمائندا ۽ ڪامورا اھوچوندي نٿا ٿڪجن ته زراعت تي سڌو محصول لڳايو.انھن کان ڪو به پڇي ته زراعت بچندي ته محصول لڳندو؟ٻيو ته زراعت تي اڃان ڪھڙومحصول لڳائجي .ڍل آبيانو ۽ عشر جي صورت ۾ته زراعت کان اڳيئي محصول اوڳاڙيو پيو وڃي.زميندار يا ھاري جيڪا شئي خريد ڪري ٿو .ان تي اڳواٽ محصول ادا ڪري ٿو.جنھن شئي تي رقم۽ محصول لکيل آھي.واحد زراعت آھي جنھن جي اپت بي ملھي آھي. جيڪڏهن ھڪ اڌ جنس جو اگهھ مقرر به آھي ته ان تي عمل نٿو ڪرايو وڃي.جنھن ڪري زراعت سان اپت تائين واڳيل ماڻھو خساري ۾آھن. اھوبه امڪان آھي ته جڏھن ھر جنس خساري ۾ وئي ته مجبورٿي ھاري اھي جنسون پوکڻ ڇڏي ڏيندا. جڏھن ھاري جيڪي جنسون پوکڻ ڇڏي ڏيندا ته انھن شين جي ملڪي سطح تي کوٽ ٿيندي ۽ وري ساڳيون جنسون مھانگي اگھه تي درآمد ڪندا.

ھاڻي واپارين ۽ سرڪار کي اھو ڪير سمجھائي ته درآمد تي جيڪو وڌيڪ سرمايو خرچ ڪريو ٿا اھو سرمايو ديسي ھاريءَ  جي ھنج ۾وجھو ته ھاريءَ  سان گڏ ملڪ به خوشحال ٿئي ۽ شين جي کوٽ به پيدا نه ٿئي.جيڪڏھن زراعت تي مٿي ڄاڻايل ڏکيا ڏينھن آيا ته ملڪ ۾ڪروڙين زرعي مزدور بيروزگار ٿي ويندا.جيڪي بيروزگاريءَ  ۾امن امان جو مسئلو پيدا ڪندا. پوءِ  سرڪار کي اھڙي گھريلو بحران کي منھن ڏيڻ به ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو.جيترو صنعتن ۽ سرمائيدان تي خرچ ٿئي ٿو ايترو زراعت تي ڌيان ڏنو وڃي ته گھڻا مسئلا حل ٿي سگھن ٿا.جيئن ته ملڪ جي اڪثريتي آباديءَ  جو واسطو زراعت سان آھي ته انھن ڏانھن سرڪار کي ڌيان به اوترو ئي ڏيڻ گھرجي.نھري پاڻيءَ  جي زمين تائين رسائي ممڪن بڻائي ان جي منصفاڻي ورڇ به ڪئي وڃي.ان کان علاوه زميندار ۽ ھاريءَ  جي ڪم ايندڙ اوزار کين مناسب اگهھ تي مھيا ڪياوڃن .فصلن لھڻ کان اڳ ۾انھن جا خريداري اگهھ مقرر ڪيا وڃن.جن تي سرڪاري ۽ خانگي واپارين کان سختيءَ  سان عمل ڪرايو وڃي.جيئن زميندار ۽ ھاري زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ محنت سان ڌين.ھينئر ھڪ خطرو اھو به ٿي پيوآھي ته عمارتي ڪاروبار زرعي زمينن کي ڳڙڪائي رھيوآھي.جنھن لاءِ  سرڪارپاران ڪارٿابندي ڪانھي.جنھن سان زرعي زمين جي کوٽ ٿي رھي آھي.جڏھن ته زميندار پيداوار جو صحيح ۽ وقت سر معاوضو نه ملڻ ڪري زمينون وڪڻي پئسو ڪارخانيداريءَ  جي ڪاروبار ۾سيڙائي رھيوآھي.جڏھن ته کيس اھو ذھن ۾رکڻ گھرجي ته ڪارخانا به گھڻي ڀاڱي زرعي پيداوار تي دارو مدار رکن ٿا.جڏھن زراعت ڪمزور ٿيندي ته ڪارخانا به ڪمزور ٿي بند ٿيڻ شروع ٿي ويندا. ملڪ ۾ھرقسم جي پيداوار ڳڻپ جي حساب سان توازن ۾ھجڻ گھرجي.

سو ملڪ ۾ جزوقتي بجاءِ ڪل وقتي زرعي منصوبا جوڙڻ جي سخت ضرورت آھي.جن ۾ زراعت جا بنياد پاڻي ٻج ڀاڻ زرعي دوائون معياري ۽ سستيون ڪري سولائيءَ  سان مھيا ڪيون وڃن.ان کان پوءِ  زرعي خريداري مرڪزسرڪاري طور مقرر ڪري زرعي جنسن جي خريداريءَ  کي آسان ڪيو وڃي.جيئن زرعي ھنرمند آسانيءَ  سان زرعي ڪرت سان جڙي وڃي.ڪڻڪ ڪپھه ڪمند ۽ ٻين جنسن جي خريداري اگھن تي ظابطو رکي عمل ڪرايو وڃي.ايئن نه ٿئي ته سرڪار۾شامل چند ھمراھن کي فائدو ڏئي راضي ڪرڻ لاءِ ننڍي زميندار ۽ ھاريءَ  جي ڦرجڻ ۽ لٽجڻ تي اکيون ٻوٽي وٺجن.جنھن سان سرڪاري اگھن جو فائدو ھاريءَ  بجاءِ آڙھتي ۽ ڪارخانيدارکي پئجيو وڃي.سرڪاري امدادي اگھه به عام اڏي واري آڙھتيءَ  ڪارخانيدار يا ڪامورا شاھيءَ  کي پوي ٿو.موجوده حالتن۾واڌو زرعي محصول لڳائڻ زراعت دشمني ٿيندي۽ ھاريءَ  جي نڙيءَ  تي لت ايندي.جيڪڏھن زراعت تي محصول ھڻڻوئي آھي ته اول سرڪار زرعي سڌاراآڻي عام ھاريءَ  کي زمين جومالڪ بڻائي زرعي اپت ۽ اگھن جومناسب نظام آڻي ھاريءَ  کي پاڻ ڀروڪري تنھن بعد وت ۽ وس آھر زرعي محصول جو سوچيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.