ڪراچي(رپورٽر) ناليواري قانوندانن ايڊووڪيٽ ڪليم شر ۽ ايڊووڪيٽ فاريه آءِ جي سنڌ کان ايس ايس پي گهوٽڪي کي معطل ڪري سندس نالو ڪيس مان داخل ڪري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو هنن پنهنجي لا فرم جي ذريعي آءِ جي سنڌ تي واضح ڪيو آهي ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جو مکيه ڪارڻ ان جي آخري وڊيو هئي جنهن م هن علائقي جي بااثر شخص سان پوليس پروٽوڪول کي وائکو ڪيو جيڪو پروٽوڪول ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا مهيا ڪيو هيو هنن نصرالله گڏاڻي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ست ڏينهن گذرڻ باوجود قاتلن کي ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور جو مهيا ڪيل پروٽوڪول واپس ناهي ورتو ويو