ڪوٽڙي (ن ع آ (عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي شهيد نصرﷲ گڏاڻي جي ناحق قتل ۽ جوابدارن جي گرفتاري خلاف ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي ۾ احتجاج نصرﷲ گڏاڻي جي تصوير کي گلن جي ڀيٽا پيش، ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي جي صدر ڌڻي بخش باريجو، جبار ڪابورو، اسماعيل باريجو نويد راجپوت عظيم باريجو شيخ سنڌي، عرفان بلوچ نويد پنهور، فتاح چنا سلام لاشاري خليل شاھ، خالد لاشاري، اقبال ڪوريجو نظير ڀلائي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ۽ شهيد جي تصوير رکي گلن سان ڀيٽا ڏئي ميڻ بتيون ٻاريون ويون ان موقعي صحافين سياسي سماجي ڌرين ڳالهائيندي چيو ته شهيد نصرﷲ گڏاڻي جو قتل سوچيل سمجهيل سازش سمجهون ٿا اهڙي ڪڌي عمل سان صحافين کي دٻائي نٿو سگهجي.