خيرپور(مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ۾ به پوري سنڌ جيان سردار مائي فٽ جا نعرا گونجڻ لڳا پريس ڪلب خيرپور جي صدر خان محمد خان، مختيار ڦلپوٽو،شاھد نواز سيال،زاھد سولنگي،يوسف آرائين،علي خان رند،محسن ڀٽي،فياض شيخ،شعيب چنا،سرائي شھباز،ياسر سيال جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي، سنڌ ۾ صحافي غير محفوظ بڻجي چڪا آھن ھنن چيو گھوٽڪي پوليس پڻ ميرپور ماٿيلو جي ظالم وڏيرن ۽ سردارن جي غلام بڻيل آھي ۽ ھن وقت تائين ايس ايس پي گھوٽڪي سمير نور چنا قاتلن کي گرفتار ڪرڻ يا انڪوائري ڪرڻ بجاءِ قاتلن کي تحفظ فراهم ڪري رھيو آھي