شهيد نصرالله گڏاڻي جو مڙهه اباڻي ڳوٺ روانگي دوران وک وک تي شاندار آجيان

ڪراچي ( نمائندن وٽان ) شهيد نصرالله گڏاڻي جو مڙهه اباڻي ڳوٺ روانگي دوران وک وک تي شاندار آجيان ڪئي وئي،گلن ۽ لڙڪن جي  ڀيٽا پيش ڪري سندس مڙهه کي الوداع ڪيو، ڪراچي کان اباڻي ڳوٺ روانگي دوران شهيد جي آخري ديدار  لاءِ قلم ڌڻي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سميت هزارين ماڻهو رستن تي نڪري آيا، جن جن شهرن مان شهيد نصرالله گڏاڻي جي مڙهه جو گذر ٿيو، اتي شاندار آجيان ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ لڙڪن ۽ سڏڪن جي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي جو مڙهه ڪراچي کان گهوٽڪي پهچڻ تي شيلٽل هوٽل وٽ هزارين ماڻهن سندس شاندار آجيان ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪئي، سرحد شهر ۾ به سوين ماڻهو نڪري آيا، جن شهيد کي لڙڪن ۽ سڏڪن جي ڀيٽا پيش ڪئي، نصرالله گڏاڻي جو مڙهه اباڻي ڳوٺ پهچڻ تي عوامي سمنڊ اٿلي پيو، هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن سندس آجيان ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي، هوڏانهن ڄامشورو ۾ سندس آخري ديدار ڪرڻ لاءِ ڄامشورو ضلعي جي مڙني شهرن نوري آباد، ڪوٽڙي، سنڌ يونيورسٽي ۔ڄامشورو، مانجهند، سن، آمري، سيوهڻ ۽ ڀان سيدآباد جا صحافي، سڄاڻ ڌريون ۽ شاگرد مختلف هنڌن تان سندس آخري ديدار لاءِ پهتا ، شهيد نصرالله گڏاڻي جو مڙهه پهچڻ تي مٿس گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، نوشھرو فيروز ۾ يونس راڄپر،ايم ظفر تڳر، مولابخش مشوري، عتيق الرحمان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صحافين ۽ قلم ڌڻين شھيد نصرالله جي لاش پھچڻ تي گلن جي ورکا ڪري  سلام پيش ڪيو ويو. شهيد جو مڙهه ڪنڊيارو مان گذرڻ وقت عوامي آواز ميڊيا گروپ سان سلهاڙيل محمد سومر گهانگهرو،ايف اي گهانگهرو ۽ ٻين صحافين پاران شاندار آجيان ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي، گمبٽ قومي شاھراھه تي صحافين يونين آف جرنلسٽ قوم پرستن ۽ احساس سوشل فورم جا اڳواڻ صحافين قمرالدين شيخ، صفدر سھتو، بادشاھه ڀنڍ، امتياز ماڇي  ۽ ٻين پھچي شھيد جو آخري ديدار ڪري کيس آلين اکين سان اباڻي ڳوٺ روانو ڪيو. شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو مڙھه خيرپور پھچڻ تي عوام جو سمنڊ اٿلي پيو، خيرپور جي سماجي تنظيمن،سول سوسائٽي،قوم پرست ڪارڪنن پاران قومي شاھراهه تي گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي، نصرالله گڏاڻي جو آخري ديدار ڪندي ماحول سوڳوار بڻجي ويو .نصرالله گڏاڻي جو مڙهه راڻي پور نيشنل هاءِ وي تي پهتو ته صحافين سياسي سماجي قومپرست ڌرين پهچي گلن جي ورکا ڪري احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعري بازي ڪئي.قاضي احمد نيشنل هاءِ وي تي عبدالمومن جوڻو جان محمد ڪليار حيد چانڊيو  بشير جوکيو ۽ صحافين سوشل ورڪرن ٻيلا بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن سياسي سماجي اڳواڻن پهچي گلن جي ورکا ڪري سلام پيش ڪيو ء احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعري بازي ڪندي شهيد صحافي جي قتل جي انصاف جي گهر ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.