نيشنل رجسٽريشن پاليسي ٺاهڻ جو فيصلو، صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سمورن صوبن جي اتفاق راءِ سان نيشنل رجسٽريشن پاليسي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ نادرا بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نيشنل رجسٽريشن پاليسي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته شناختي ڪارڊ ۽ شهريت جي تصديق تمام ضروري آهي، ان پاليسي تي سمورن صوبن جو اتفاق راءِ حاصل ڪيو وڃي، ان حوالي سان يونين ڪائونسلن کي بنيادي حيثيت حاصل آهي، ان سلسلي ۾ يونين ڪائونسلن تائين رسائي تمام ضروري آهي هن چيو ته پاليسي سان شهريت جي رجسٽريشن کي شفاف ۽ فول پروف بڻايو ويندو. گهرو وزير چيو ته نئين پاليسي شهريت جي غير قانوني رجسٽريشن کي به روڪيندي، جنهن سبب پرڏيهين کي شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪيا پيا وڃن. اجلاس ۾ 6 وڏن شهرن ۾ نادرا سينٽرز وڌائڻ جي منصوبي جو جائزو ورتو ويو، ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان علاوه ملتان کي به ان پلان ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گهرو وزير چيو ته ان پلان کي حتمي شڪل ڏني وڃي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان تي عمل شروع ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي غير ضروري رش ۽ پريشاني کان بچائي سگهجي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گهرو وزير جي دوري ۽ ان کانپوءِ کنيل قدمن سبب انتظار جو وقت 120 منٽن کان گهٽائي 75 منٽ ڪيو ويو آهي، گهرو وزير وقت کي وڌيڪ گهٽائڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هن وقت نادرا وٽ ڪل آبادي جو 85 سيڪڙو رجسٽريشن آهي، اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا، نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.