ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي بهادر نياڻي ام رباب نصر االله گڏاڻي تي قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ داخل نصرالله گڏاڻي جي عيادت ڪئي ۽ وارثن سان هرممڪن مدد ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي ام رباب چيو ته گهوٽڪي جي ارڏي صحافي ۽ متحرڪ ڪردار نصرالله گڏاڻي کي ميرپورماٿيلو ۾ گولين جو کاڄ ان لاءِ بڻايو ويو ڇوته نصرالله گڏاڻي هميشه وڏيرا شاهي ۽ سرداري نظام جي مخالفت ڪئي ۽ هميشه وڏيرن جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪيو ۽ ظالمن اهڙي آواز کي خاموش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي اڄ سموري سنڌ نصرالله گڏاڻي جي آواز بڻجي چڪي آهي ۽ اها ئي انقلاب جي نشاني آهي.