نصرالله گڏاڻي جا جوابدار به بااثر آھن:اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي گھوٽڪي جي صحافي نصرالله گڏاڻي کي گوليون ھڻي مرڻينگ ڪرڻ  واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي،هن چيو ته سنڌ ۾ جيڪو صحافي سچ لڪائڻ کان انڪار ڪري ٿو ان کي خاموش ڪرايو وڃي ٿو. جان محمد مھر، عزيز ميمڻ سميت ڪيترائي صحافي قتل ٿي چڪا آھن، جن واقعن خلاف سڄي سنڌ ۾ وڏا احتجاج ٿيا آھن پر حڪومت ڪنھن به شھيد صحافي جي خون سان انصاف نه ڪري سگھي آھي. نصرالله گڏاڻي جا جوابدار به بااثر آھن، انھن کي حڪومتي ماڻھن جي سرپرستي حاصل آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ دھشت ۽ درندگي جو راڄ ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.