جيل مان نڪرڻ لاءِ عمران کي وڏي بي صبري،فضل الرحمان کي پرچائڻ لاءِ جتن

اسلام آباد/لاهور(عمران شفقت+منصور علي خان) پي ٽي آءِ وٽ اسٽريٽ پاور نه هئڻ ڪري عمران خان چاهي ٿو ته مولانا فضل الرحمان کيس جيل مان ڪڍرائي، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ لاءِ اهو چئلينج بڻجي سگهي ٿو ته فضل الرحمان عمران خان جي موٽرسائيڪل جي پٺيان ويهي رهي، گڏيل تحريڪ جي حوالي سان جيل ۾ ملاقات لاءِ ايندڙن کان عمران خان اهو سوال پڇي ٿو ته فضل الرحمان ڇا ٿو چوي، جنهن تي پي ٽي آءِ اڳواڻ کيس ٻڌائي رهيا آهن ته مولانا صاحب اڃا تائين ته اسان سان گڏ هلڻ لاءِ تيار ناهي،عمران خان مٿن زور ڀري رهيو آهي ته فضل الرحمان کي گڏيل تحريڪ لاءِ هر صورت ۾ راضي ڪيو وڃي، ذريعن موجب فضل الرحمان طاقتورن کي ناراض نٿو ڪرڻ چاهي هو رڳو اسٽيبلشمينٽ کي ڊيڄاري ڌمڪائي پنهنجي اسپيس واپس وٺڻ چاهي ٿو،جڏهن ته حماد اظهر جي منظرعام تي واپسي بابت چئوٻول آهن ته اسٽيبلشمينٽ  اندروني طور عمران خان جي حمايت ڪري رهي آهي،ان کانپوءِ مراد سعيد واپس ايندو ۽ عمران خان به جيل مان جلد نڪرندو، ذريعن موجب ان قسم جي اطلاعن ۾ ڪا به صداقت ناهي،پي ٽي آءِ پاران فضل الرحمان ۽ عمرايوب وچ ۾ ملاقات کي سوشل ميڊيا تي وڏي اهم اڳڀرائي قرار پئي ڏنو،فضل الرحمان پريس ڪانفرنس ۾ گڏيل تحريڪ هلائڻ جي ڪا به ڳالهه نه ڪئي، مولانا فضل الرحمان ۽ عمران خان ماضي ۾ هڪ ٻئي تي سنگين الزام لڳائي رکيا آهن،ماضي ۾ پي ٽي آءِ سان جيڪڏهن ق ليگ، طاهر القادري جيڪي اتحاد ڪيا ان ۾ وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ سهولتڪاري ڪندي هئي پر هن ڀيري صورتحال اهڙي ناهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 24 مئي 2024ع تي شايع ٿيو

PTI JUI ImranKhan MolanaFazalurRehman

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.