آءِ ايس آءِ جي ڪرنل بابت ايمل ولي جي تقرير سينسرڊ

اسلام آباد(منصور علي خان) سينيٽر ايمل ولي خان سينيٽ ۾ گذريل تمام سخت تقرير ڪئي، جنهن مان ڪجهه حصا پي ٽي وي لائيو نشريات دوران سينسر به ڪيا ويا، هن آءِ ايس آءِ جي ڪرنل جو جڏهن ذڪر ڪيو ته  ايمل ولي خان جي آواز کي ”ميوٽ“(خاموش) ڪيو ويو،سينيٽ اجلاس جي جڏهن وڊيو رليز ڪئي وئي ته ان مان اهي ڳالهيون ئي غائب هيون،ايمل ولي خان اڳرائي واريون ڳالهيون ڪيون، هاڻي معاملو ان حد تائين وڃي پهتو آهي ته سينيٽر به جڏهن سخت سوال اٿاريندا ته اهي عوام تائين پهچڻ نه ڏنا ويندا، دنيا جي جمهوريتن ۾ ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو،پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي سختيون وڌي رهيون آهن،

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 24 مئي 2024ع تي شايع ٿيو

AimalWaliKhan ISI PTV

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.