دبئي ليڪس: سنڌ جو غريب هاري اشرف غني مهانگي ترين ملڪيت جو مالڪ

اسلام آباد(فخر دراني) دبئي ليڪس جي حوالي سان ٻن ٽن ڏينهن جي هل هنگامي کانپوءِ وري ماٺار ڇائنجي وئي آهي، اهو معاملو دٻايو ويو آهي، دبئي ۾جن پاڪستانين جون مهانگيون ملڪيتون آهن انهن ۾ سنڌ جو هڪ شهري اشرف غني به شامل آهي،اشرف غني سنڌ جي ڪنهن ننڍي شهر يا ڳوٺ جو رهواسي آهي،هن جي ٽريول هسٽري مان واضح ٿيو آهي ته هو 2019 تائين دبئي جا دورا ڪندو رهيو آهي، هڪ عام سنڌ واسي جو  ٽاپ 100 پاڪستانين جي دبئي ۾ مهانگين ترين پراپرٽي مالڪن جي لسٽ ۾ شامل اچڻ هڪ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي، اشرف غني جي بيڪ گرائونڊ جي حوالي سان تحقيقاتي صحافي پاران جاچ ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي هڪ هاري اشرف غني جي نالي سان اها پراپرٽي خريد ڪئي وئي آهي، اها ڳالهه ته طئي آهي ته اشرف غني ڪنهن ”اهم شخصيت“ جو فرنٽ مين آهي،جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي هڪ جج جي نالي تي به پراپرٽي نڪتي آهي، حاضر سروس جج جو ان حوالي سان جواب به اچي ويو آهي جنهن ۾ هن تصديق ڪئي ته اها پراپرٽي هن جي هئي پر دبئي ۾ ان پراپرٽي جو کيس قبضو نه مليو هو، ڇو ته ان وقت دبئي ۾ ريئل اسٽيٽ بحران اچي ويو هو ان ڪري کيس ان ملڪيت جو قبضو نه ملي سگهيو هو،ان لسٽ ۾ عارف علوي جي ننهن جو نالو به آهي، جڏهن ته حڪومت دبئي ليڪس کي سنجيده نه ورتو نه ئي ان حوالي سان ڪا جي آءِ ٽي جوڙي آهي،ذريعن موجب دبئي ليڪس صدر آصف علي زرداري لاءِ  پانا ليڪس ثابت ٿي سگهي ٿي، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف جعلي اڪائونٽس ڪيس هليو هو،ايف آءِ اي جي جاچ ۾ ثابت ٿي ويو هو ته فريال ٽالپر جي ڊرائيور حامد سمون جي نالي تي مني لانڊرنگ ٿي رهي آهي ۽ دبئي ۾ ملڪيتون خريد ڪيون پيون وڃن ،آصف علي زرداري جي سيڪريٽري جي نالي تي به جيڪي پئسا دبئي وڃي رهيا هئا انهن مان پراپرٽيون خريد ڪيون ويون،ان ڪيس ۾ مرڪزي ڪردار عبدالغني مجيد، انور مجيد ۽ حاجي هارون ۽ اومني گروپ جي اسلم مسعود جي نالي تي دبئي ۾ پراپرٽيون نڪتيون آهن،حامد سمون جي پگهار 25 کان 30 هزار رپيا آهي، ذريعن موجب حڪومت دبئي ليڪس جي حوالي سان ڪا جاچ ڪري ها ته آصف زرداري حڪومت کان الڳ ٿي وڃي ها ۽ ان جو فائدو عمران خان کي ٿئي ها، جنهن سبب ميڊيا تي دبئي ليڪس جو بائيڪاٽ ڪرايو ويو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 24 مئي 2024ع تي شايع ٿيو

Dubaileaks Sindh Ashrafghani

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.