ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي 12 شهرن ۾ ڇنڇر کان جاري رهندڙ گرمي جي لهر جاري آهي. اڄوڪي ڏينهن جيڪب آباد، دادو ۽ موهن جو دڙو ۾ گرمي پد 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي. ان ڏس ۾ موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته اربع تي جيڪب آباد، دادو ۽ موهن جو دڙو نه صرف سنڌ پر ملڪ جا گرم ترين علائقا هئا، جتي وڌ کان وڌ گرمي پد 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي. روهڙي، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، پڊعيدن ۽ شهيد بينظير آباد ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ان کان علاوه مٺي ۾ گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ، ڇور ۾ 46.5، سڪرنڊ ۽ حيدرآباد ۾ 45.5، ميرپورخاص ۽ ٽنڊوڄام ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ، بدين ۾ 43 ۽ ٺٽي ۾ 38.5 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي پاسي موسميات کاتي موجب پنجاب جي ڊي جي خان ۽ بهاولپور ۾ گرمي پد 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، ساهيوال ۾ 45 ڊگري سينٽي گريڊ، ملتان، سرگوڌا ۾ 44، فيصل آباد ۾ 44، بنون ۾ 43 جڏهن ته لاهور ۾ 41 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.