ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم 50 سيڪڙو گهٽ ٿيا آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي  وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي ۾ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي کي وڏي عرصي کان ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. بدقسمتي سان، ملڪ جي تصوير کي ذاتي مفادن لاءِ خراب ڪيو ويو،  پاڪستان مان صنعتن کي ٻين هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي سازش هئي. جنهن سبب معيشت کي نقصان پهتو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي پيپلز پارٽي حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ ڌاٻيجي اڪنامڪ زون جو پيڙهه جو بنياد رکيو ويو آهي نگران حڪومت دوران اسٽريٽ ڪرائم ۾ واڌ ٿي ۽ اڄ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي وئي آھي،هن  چيو ته ڪراچي غير قانوني مهاجرن جي مسئلي کي به منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب ٻيا چئلينجز به پيدا ٿي رهيا آهن. سنڌ حڪومت ڪراچي جي شهرين کي درپيش ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ پيپلز بس سروس شروع ڪئي آهي، تمام جلد وڌيڪ بسون اينديون ۽ شهرين کي بهتر سفري سهولتون ميسر ٿينديون،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.