ايس آءِ ايف سي اجلاس، ڪي پي جي وڏي وزير کي نه گهرائڻ تي پي ٽي آءِ سراپا احتجاج

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو آهي پر خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور  کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ناهي ڏني وئي. اجلاس ڇنڇر ڏينهن 12 وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو، اجلاس ۾ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن کي دعوت ڏني وئي آهي پر خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ناهي ڏني وئي. ايس آءِ ايف سي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اطلاعات وارو وزير، ناڻي وارو وزير، بچاءُ وارو وزير، منصوبابندي وارو وزير، واپار وارو وزير، قانون ۽ انصاف وارو وزير ۽ آبي وسيلن وارو وزير به شرڪت ڪندا. خيبرپختونخواهه جي ترجمان بئريسٽر سيف الله رد عمل ڏيندي چيو آهي ته شهباز شريف جي جعلي فارم 47 تي حڪومت خيبرپختونخواهه سان تعصب جي انتها تي پهچي وئي آهي. خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم جو چوڻ آهي ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي دعوت نه ڏيڻ بدنيتي ۽ عوامي مينڊيٽ جي توهين آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.