عمران خان خلاف غداريءَ جو ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد

ڪوئيٽا (م ڊ)بلوچستان هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف آرٽيڪل 6 تحت غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اهل درخواست مقتول وڪيل عبدالرزاق شر ايڊووڪيٽ داخل ڪئي هئي پر سندس قتل بعد امان الله ڪنراڻي ايڊووڪيٽ درخواست جي پيروي ڪئي. بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس هاشم ڪاڪڙ ۽ جسٽس شوڪت رخشاني تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ايڊووڪيٽ امان الله ڪنراڻي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ اڳوڻي وزيراعظم تي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تجويز ڏيڻ تي آئين جي لتاڙ ڪرڻ جو الزام هڻي آرٽيڪل6 تحت غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ جي التجا ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.