حماد اظهر کي اغوا ڪري من پسند بيان ورتو ويو ته نه مڃينداسين\عمر ايوب

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب خان چيو آهي ته آءِ ايس آءِ پنهنجو پروفيشنل ڪردار ادا ڪندي  رهي ۽ ڪنهن به سياسي سرگرمين ۾ ملوث نه ٿي. عمران خان سان ملاقات کانپوءِ راولپنڊي جي اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته آءِ ايس آءِ تي سياست ڪرڻ سان جتي ادارو ڪمزور ٿيندو، اتي پاڪستان ۽ ان جي مفادن کي به نقصان پهچندو. عمر ايوب خان چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن چيف جسٽس آف پاڪستان کي واضح طور تي لکيو آهي ته ڪيئن سندن خاندانن کي آءِ ايس آءِ وارن هراسان ڪيو. هن چيو ته عمران خان اڄ ئي ميان اسلم اقبال ۽ حماد اظهر کي پيغام ڏنو آهي ته ٻاهر نڪري پارٽي جي قيادت ڪن. عمر ايوب موجب عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن حماد اظهر ۽ ميان اسلم اقبال کي اغوا ڪيو ويو يا انهن جو بيان زبردستي ورتو ويو ته ان بيان کي قبول نه ڪنداسين ۽ انهن ٻنهي اڳواڻن کي تحريڪ انصاف جو حصو سمجهيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.