ابوظهبي (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارتن کان قرض نه گڏيل سيڙپڪاري چاهيون ٿا، ڪستو ڀڃي ڇڏيو آهي، ان ڪستي سان اسان ڪٿان جا نه رهنداسين. ابوظهبي ۾ آءِ ٽي ڪمپنين وچ ۾ ڀائيواري تي رائونڊ ٽيبل سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته يو اي اي جي باصلاحيت آءِ ٽي پروفيشنلز کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي، اهي معيشت جي سڀني شعبن جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان گذريل اڍائي مهينن ۾ آءِ ٽي شعبي لاءِ قدم کنيا، ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ به ڊجيٽلائيزيشن جو عمل تيزي سان مڪمل ٿئي، يو اي اي سان گڏجي پاڪستاني معيشت کي مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، گڏيل عرب امارتن جو صدر پاڪستان جو عظيم دوست آهي، اسان يو اي اي کان قرض نه گڏيل سيڙپڪاري چاهيون ٿا. شهباز شريف چيو ته موجوده حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، برآمدات، صنعت ۽ ٻين شعبن تي ڌيان ڏئي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته قومون قرض يا امداد سان نه پر محنت سان ترقي ڪنديون آهن . وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ آبادي سبب تمام گهڻا موقعا آهن، جن ۾ اڪثريت نوجوانن جي آهي، اسان جي 60 سيڪڙو آبادي 15 کان 30 سالن جي وچ ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته منهنجي حڪومت جي اڍائي مهينن دوران آءِ ٽي شعبي جي ترقي تي گهڻو وقت خرچ ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن زراعت، معدنيات، انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏنو، اسان جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، برآمدات ۾ اضافو، صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ آءِ ٽي پروفيشنل ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، معيشت جي سمورن شعبن ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل به مڪمل ٿيڻ گهرجي . شهباز شريف چيو ته مستقبل تيل ۽ گئس تي انحصار بدران نوجوانن جي تربيت ۽ ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ وانگر بنا تيل ۽ گئس جي معيشت تي ٻڌل هوندو. هن چيو ته شيخ محمد بن زيد جو اهو ويزن آهي ته نه رڳو ڪچي تيل جي درآمد ۽ برآمد ۾ پر يو اي اي به خام مال جي برآمد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري ان کي ويليو ايڊڊ پراڊڪٽس ۾ تبديل ڪري. هوڏانهن متحده عرب امارات (يو اي اي) پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو واعدو ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. حڪومتي اعلان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار وارو وزير ڄام ڪمال خان، بچاءَ وارو وزير خواجه آصف ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ طحنون بن محمد النهيان ۽ شيخ حزا بن سلطان النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. ملاقات ۾ اماراتي صدر شيخ محمد بن زيد وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو واعدو ڪيو. هوڏانهن متحده عرب امارات (يو اي اي) پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو واعدو ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. حڪومتي اعلان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، واپار وارو وزير ڄام ڪمال خان، بچاءَ وارو وزير خواجه آصف ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ طحنون بن محمد النهيان ۽ شيخ حزا بن سلطان النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.