اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) تحريري حڪمن کانسواءِ عدالتي ڪارروائي جي رپورٽنگ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. پيمرا طرفان جاري ڪيل هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن بابت ٽِڪرز ۽ هيڊ لائنز نشر ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ رڳو لکت ۾ ڏنل حڪمن کي رپورٽ ڪيو وڃي. پيمرا جي هدايتن موجب ٽي وي چينلز لائيو عدالتي ڪارروائي ڏيکاري سگهندا. پيمرا جو چوڻ آهي ته ٽي وي چينلز عدالتي فيصلن تي اثرانداز ٿيندڙ مواد، بحث، تجويز يا راءِ نشر ڪرڻ کان پاسو ڪن. ٻئي طرف لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عدالتي ڪارروائي جي رپورٽنگ تي پابندي واري پيمرا جي نوٽيفڪيشن کي چئلينج ڪيو ويو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ رپورٽرز جي نمائندن جي تنظيمن طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پيمرا جو نوٽيفڪيشن آرٽيڪل 19 ۽ 19 اي جي ڀڃڪڙي آهي، ان لاءِ نوٽيفڪيشن کي غير آئيني ۽ ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
لاهور(معظم فخر)حڪومت پاران عدليه جي بائيڪاٽ جي ڳالهه پهريون ڀيرو تاريخ ۾ سامهون آئي آهي، ان حوالي سان سمورن ادارن کي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي، عدليه ۽ ايگزيڪيٽو ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، حڪومت حد کان وڌيڪ پريشاني جو شڪار ٿي وئي آهي،وفاقي حڪومت کي ڪورٽ رپورٽنگ تي مسئلو شروع ٿي ويوآهي، ڪورٽ رپورٽنگ جي عمل ۾ رنڊڪ وجهڻ چاهي ٿي، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ حڪومت ۽ عدليه وچ ۾ سيز فائر لاءِ سرگرم آهي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ کنڀيل بلوچ شاگردن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران هن صحافين کي مثبت رپورٽنگ جي اپيل ڪئي، جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته ميڊيا آزاد آهي۽ ميڊيا پاران گم ٿيل ماڻهن جي نشاندهي هڪ سٺو عمل آهي،پيمرا سمجهي ٿي ته عدالتي ڪارروائي عوام تائين نه پهچي ۽ ماڻهن ۾ حڪومت خلاف ڪاوڙ جي لهر پيدا نه ٿئي،حڪومت سوشل ميڊيا جي رول تي به پريشان آهي ۽ سوشل ميڊيا جي سمورن پليٽ فارمن کي سخت ترين اسڪروٽني جي عمل مان گذارڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان پابنديون لڳايون وينديون، هڪ انگريزي اخبار جي رپورٽ مطابق وفاقي اطلاعات وزارت ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت کان 20 ارب رپيا رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن سوشل ميڊيا جي بي لغام گهوڙي کي ڪنٽرول ڪري سگهجي،ان حوالي سان يوٽيوب، فيس بڪ، ٽوئيٽر،انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ کي ان وقت پاڪستان ۾ هلائڻ جي اجازت ڏني ويندي جڏهن انهن جون آفيسون پاڪستان م قائم ٿينديون،مستقبل قريب ۾ چائنا ماڊل تي ڪم ڪيو ويندو، خبرن جو فلو رياست جي مرضي سان عوام آڏو ظاهر ڪيو ويندو،