تازو قومي اسيمبلي مان هڪ تڪراري بل پاس ڪيو ويو آهي، جنهن کي ”هتڪ عزت“ جو نالو ڏنو ويو آھي. هونئن ته ميڊيا کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش هر دور ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح ٿيندي رھي آهي پر موجوده حڪومت ميڊيا تي ڪجهه وڌيڪ ڪاوڙيل نظر اچي ٿي. صحافتي تنظيمن جي سخت احتجاج جي باوجود به وفاقي سرڪار ان بل ۾ مناسب ترميم ڪرڻ لاءِ تيار ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي، جنھن مان آزاد صحافت جو وقار مجروع ٿيڻ کان بچي وڃي.
سياسي جماعتون جڏهن اپوزيش يا ايوانن کان ٻاهر هونديون آهن ته اهي آزاد صحافت ۽ ميڊيا جي آزادي جون حامي ھونديون آهن ۽ جڏھن وٽن اختيار اچي ويندو آھي ته اھي آزاد صحافت لاءِ ڪو جوڳو ڪردار ادا ڪرڻ جي بدران سڀ کان وڌيڪ ميڊيا مخالف جماعت بڻجي ويندي آھي، ميڊيا جون ماضي واريون سموريون خوبيون به انھن لاءِ خاميون بڻجي وينديون آھن، جنھن جي نتيجي ۾ اهي ميڊيا کي محدود ڪرڻ ۽ صحافين کي هيسائڻ لاءِ هڙئي حربا هلائڻ شروع ڪنديون آهن جنهن جي نتيجي ۾ صحافي خود کي غير محفوظ سمجهندي عدم تحفظ جو شڪار بڻجي ويندا آهن.
پاڪستان ۾ صحافين سان لاتعداد مسئلا درپيش رهيا آهن، هڪ رپورٽ موجب پاڪستان صحافين لاءِ غير محفوظ ملڪ بڻجي چڪو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي رهيو ته ان سڄي عمل پٺيان طاقتور ماڻهن ۽ حڪومتي ڌر جو هٿ آهي. قومي اسيمبلي مان هتڪ عزت وارو بل پاس ڪرڻ سان گڏ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پيش ايندڙ ڪجهه واقعن بابت غور ڪنداسين ته اسان کي اهي ڳالهيون هڪ ئي سلسلي جو تسلسل نظر اينديون.
ڪجھه ڏھاڙا اڳ ڪوئيٽا پريس ڪلب کي مقامي انتظاميا تالا لڳائي بند ڪري صحافين کي زبردستي ٻاهر تڙي ڪڍي ڇڏيو ڇا ڪاڻ ته ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ مسنگ پرسنگ واري معاملي بابت ھڪ پريس ڪانفرنس رٿيل ھئي، جنھن کي روڪڻ لاءِ پريس ڪلب کي تالا ھڻي بند ڪيو ويو، جيڪو عمل عالمي قانون ۽ اظھار جي آزادي جي بلڪل ئي خلاف آھي.
جبري گمشدگين وارو معاملو ملڪ جو نھايت ئي حساس ۽ اھم مسئلو آھي، جنھن سان ملڪي سلامتي جڙيل آھي، ان نازڪ ترين، اھم ۽ سڀ کان وڏي مسئلي جو سياسي حل تلاش ڪرڻ جي بدران بدستور طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي. تاريخ ۾ اھو ثابت ٿي چڪو آھي ته طاقت ۾ به ايتري طاقت ناھي ھوندي جو ان جي ذريعي قومن جو قتلام ۽ ساڻن ناانصافي ڪئي وئي ۽ ردعمل ۾ اھي احتجاجن ڪو سڏڪو ڀري پاڻ سان ويڌن طرف دنيا جو ڌيان به نه ڇڪائين.
تاريخ ۽ تجربن مان سبق حاصل نه ڪندڙ قوتون گھڻو وقت جٽاءُ ڪري ناھن سگھنديون، ڇو ته جڏھن مظلوم ماڻھو پنھنجي جيئڻ جو مقصد منزل ۽ موت کي بڻائي وٺندا آھن ته انھن کي فطرت طرفان پنھنجي تقدير لکڻ جو اختيار حاصل ٿي ويندو آھي. مظلوم ماڻھن لاءِ پريس ڪلبن جا در بند ۽ ميڊيا تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو مطلب ملڪ ۾ آمريت مڙھڻ ۽ گھرو ويڙھه ۾ واڌاري جي خواھش ۽ ڪوشش کان سواءِ ٻيو ڪجھه به ناھي.
پي ٽي آءِ جي اڳواڻ رئوف حسن تي کدڙن فقيرن ان وقت حملو ڪري کيس زخمي ڪري وڌو جڏھن ھو ھڪ ٽي وي چينل جي ھڪ ٽاڪ شو ۾ ڳالھائڻ کان پوءِ واپس گھر وڃي رھيو ھو، حملي آور جنھن کي پي ٽي آءِ وارا ” سولجر ٽراسجينڊر“ جو نالو ڏئي رھيا آھن، رئوف حسن کي پڪڙي کيس بليڊ سان جھير ڏئي ملڪي عوام توڙي سياستدانن کي ھڪ پيغام ڏنو ويو آھي ته اوھان کي اظھار جي آزادي جو ڪوبه حق حاصل ناھي، ھتي سچ ڳالھائڻ جي ڳري قيمت مقرر ٿيل آھي، جيڪا صرف جان ڏئي ادا ڪري سگھجي ٿي پر سچ جا پانڌيئڙا ان ڪٺن پيچري تان ھڪ انچ به پوئتي ھٽڻ لاءِ تيار ناھن ۽ اھو سڀ مير پور ماٿيلي جو بھادر صحافي نصرالله گڏاڻي ثابت ڪري چڪو آھي، جنھن سيني تي گوليون کائي به وڪٽري جو نشان ٺاھي طاقتور ماڻھن کي اھو واضع پيغام ڏنو آھي ته ميڊيا کي محدود ڪرڻ وارا اوھان جا ھڙئي حربا ناڪام ٿيندا.