سنڌ جي فطري سونهن ۽ سينگار بڻيل ڪارونجهر جبل ، ٿرپاڪر ضلعي ۾ موجود آهي . ٿرپارڪر ضلعي ۾ هن وقت ڇهه تعلقا آهن. جن ۾ ؛ ڏاهِلي ، ڇاڇِرو ، مِٺي ، ڏِيپلو ، اِسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر شامل آهن .
جڏهن ته ٿرپارڪر جي مختلف طبعي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڀونءِ وگياني ، ٿر کي ڏهن مُک حصن ۾ ورهائين ٿا. جن ۾ ؛ کائِڙ ، ڍاٽَ ، مَهراڻو ، وَنگو ، اُونيهر ، سامروٽِي ، وَٽِ ، ڪَنٺو ، پائِرَ ۽ پارڪر شامل آهن. مٿي بيان ڪيل سڀني حصن ۾ پارڪر ٻين کان وڌيڪ خوبصورت ۽ گهمڻ وٽان آهي . خاص طور اونهاري ۾ وَسڪاري پوءِ ته ڪارونجهر جبل سنڌ ڌرتيءَ تي جنت جهڙو جهان لڳندو آهي . ڪٿي مور پيا ٽهڪندا آهن ، ڪٿي گُلن تي ڀَنئورَ پيا چَهڪندا آهن ، ڪٿي گُلَ ، وَليون ۽ گاهه پيا مَهڪندا آهن ته ڪٿي وري ماڻهو پيا ٻَهڪندا آهن ! اصلي اهڙو ته لقاءُ لڳو پيو هوندو آهي جو گهمندڙن جي دل واپس وَرڻ واري ڳالهه ئي نه مڃندي آهي.
ڪارونجهر ۽ ننگر پارڪر گهمڻ جو شوق رکندڙن کي هيٺ بيان ڪيل ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي ؛
- ڪارونجهر ۽ ننگر پارڪر گهمڻ جو بهترين وقت ، وَسڪاري کان پوءِ وارو آهي. سو گهمڻ جو شوق رکندڙن کي برسات وَسڻ کان پوءِ وڃڻ گهرجي.
- ننگر پارڪر ۽ ڪارونجهر واري عِلائقي ۾ اڪثر جولاءِ ۽ آگسٽ وارن مهينن ۾ برسات پوي ٿي ، تنهن ڪري گهمڻ جي شوقينن کي انهن ٻنهي مهينن ۾ وڃڻ گهرجي ته جيئن هو وڌ کان وڌ لطف اندوز ٿي سگهن.
- سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته رڳو ڪارونجهر جابلو سلسلي ۾ گهمڻ لاءِ ان جون 109 چوٽيون ۽ ٻيا ڪيترائي ماڳ موجود آهن ! جن بابت تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ، تنهن ڪري گهمڻ جو شوق رکندڙن کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن يا هڪ هفتي لاءِ اتي ٽِڪڻ گهرجي ، تڏهن وڃي هو ڪارونجهر جبل جي خوبصورتي جي ڪا جَهلڪَ پَسي سگهندا.
- ننگرپارڪر ۽ سموري ٿرپارڪر جا اڪثر ماڻهو مهمان نواز ۽ سٺي طبيعت جا مالڪ آهن ، سو سياحن کي ڪنهن به قسم جي خوف يا خطري جو اُلڪو نه ڪرڻ گهرجي .
- سياحن کي پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ اڳواٽ ئي ننگرپارڪر ۾ موجود ڪنهن گيسٽ هائوس يا اتان جي ڪنهن مقامي رهواسي وٽ رهائش جو انتظام ڪري پوءِ وڃڻ گهرجي.
- سياحن کي ننگر پارڪر ۽ ڪارونجهر ۾ موجود مسڪين ماروئڙن کان ڪو نه ڪو وَکرُ خريد ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن غريبن جو گذر سفر ڪجهه بهتر ٿي سگهي.
ڪجهه اهم صلاحون
- سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪارونجهر جابلو سلسلي کي سنڌ جو ثقافتي ورثو قرار ڏئي ۽ جيڪو به ڪارونجهر جبل يا سنڌ جي ڪنهن به تواريخي ۽ ثقافتي ورثي کي ڊاهڻ يا ان جي سڃاڻپ مٽائڻ جي ڳالهه ڪري ته ، ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي .
- سنڌ حڪومت کي ڪوشش ڪري ، ڪارونجهر جبل کي دنيا جي ( ورلڊ هيريٽيج سائيٽ ) واري لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ گهرجي ، ان سان هڪ ته ڪارونجهر کي عالمي پذيرائي ملندي ٻيو ته فنڊنگ پڻ ملندي.
- سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪارونجهر ۽ ننگرپارڪر ۾ عالمي سطح جا گيسٽ هائوس ٺهرائي ، ۽ اتي موجود هر هڪ ماڳ جي تحفظ لاءِ عملي طور تڪڙا قدم کڻي .
- ٽوئر ازم کي وڌائڻ لاءِ سنڌ جي ڪلچر ۽ ٽوئرازم ڊپارٽمينٽ کي ڪارونجهر جبل ۾ موجود مختلف ماڳن کي اُجاڳر ڪرڻ لاءِ انهن ماڳن بابت معلوماتي بروشر ڇپرائڻ گهرجن ، جيڪي هر هڪ ماڳَ ، هر هڪ وڏي شهر ۽ سنڌ ۾ موجود هر ايئرپورٽ تي موجود هجن ته جيئن سياحن کي سنڌ جي ثقافتي ورثي بابت مفيد معلومات ملي سگهي.
- ٿرپارڪر ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ موجود هرهڪ گهمڻ جهڙي جاءِ تي مقامي ماڻهن پاران ٺاهيل وَکرَن جي موجودگي تمام ضروري آهي ، اِن ڏسَ ۾ حڪومت کي مقامي ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ کين ثقافتي شيون رکي ڏيڻ لاءِ اسٽال ٺهرائي ڏيڻ گهرجن.
- ڪارونجهر ، ٿرپارڪر ۽ سنڌ جي ٻين سڀني ضلعن منجهان ملندڙ معدنيات کي ، انهن ئي علائقن جي ڀَلائي ۽ ترقيءَ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي ته جيئن اتان جا ماڻهو خوشحال زندگي گذاري سگهن .