”گم ٿيل بلوچستان“ جي ڳولا

تحرير: مظهر عباس

ھڪ وقت اھڙو بھ ھو جڏهن بلوچستان ۾ اخبارن، رسالن ۽ ايستائين جو پرنٽنگ پريس لڳائڻ تي  پابندي هئي. هڪ دانشور جي بقول ته ”منهنجو پيءُ هڪ ڀيري اخبار پڙهڻ تي گرفتار ٿيو هو“  پوءِ اھڙو  وقت  بھ  آيو، جڏهن صرف ’غير سياسي‘ خبرن جي اجازت ملي . اڄ  اخبارون بھ آھن، ٽي وي بھ آھن ۽ ڊجيٽل ميڊيا به . پر پوءِ به ائين محسوس ٿئي ٿو ته اصل بلوچستان ڪٿي نه ڪٿي ”گم“ ٿي ويو آهي ۽ ان بلوچستان جي ڳولا ۾ گذريل هفتي ڪوئيٽا وڃڻ جو اتفاق ٿيو تھ ڪجھه اندازو ٿيوتھ ڇا ڇا “مسنگ“ آھي. پر جنھن ڳالهه حوصلو ۽ اميد ڏياري، اھو آھي اتي جو نوجوان ۽ انهن جا ”سوال“ جن جا جواب آسان ناهن، شايد اهو ئي سبب آهي جو اتي جي انتظاميا ڪجهه ڏينهن اڳ ’ڪوئيٽا پريس ڪلب‘ کي سيل ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته اتي هڪ سيمينار منعقد ٿي رھيو ھو،  جنھن ۾ ٻين مقررن کانسواءِ ”ماهه رنگ بلوچ“ کي  به خطاب ڪرڻو هو. شايد سيمينار جي خبر ايتري وڏي نه بڻجي ھا، جيتري ڪلب جي تالا بندي جي خبر بڻي.

تاريخ مان سبق سکڻ جي اسان م مجموعي طور تي عادت ناهي، نھ تھ  وزيراعليٰ سرفراز بگٽي ۽ سندس ساٿي، جن مان ڪجهه جو  تعلق ھڪ وقت ۾ صحافت سان بھ رهيو آهي، انهن کي اھا تھ خبر هوندي  ته جبر، پابنديون ۽ سينسرشپ هميشه مزاحمت کي جنم ڏينديون  آھن، جنھن جو سڀ کان وڌيڪ اثرائتو ذريعو لٽريچر  آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته تازو تربت ۾ هڪ ڪتابي ميلي ۾ ’ريڪارڊ سيل‘ ٿي. مزاحمتي ادب ۽ شاعري اتي وڌيڪ مقبول ٿي رهيا آهن ۽ ”ڪوئيٽا لٽريچر فيسٽيول “۾ ”بلوچستان قومي ميڊيا جي نظر ۾“ واري سيشن ۾ مقررين ان ڳالهه تي مڪمل اتفاق ڪيو ته قومي ميڊيا بلوچستان کي نظرانداز ڪري ٿي. ڳالھھ صرف هڪ صوبي جو نه آھي پر اسان جو مجموعي صحافتي زوال جي آهي. اسان جي صحافت رڳو ”بيانن “جي چوڌاري گهمي ٿي. هاڻي تصور ڪريو  ته جيڪڏهن اهو برداشت نه آھي ته پوءِ اهو ڪيئن برداشت ڪيو ويندو تھ جيڪڏهن  اھو ٻڌايو وڃي ته ان سڄي صورتحال جو اصل ذميوار ڪير آهي. پاڪستان ۾ گذريل 20 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ صحافي بلوچستان ۾ شهيد ٿيا. سڀني کان وڌيڪ وڪيل بھ ھتي ئي شهيد ٿيا.ھتي جي صحافين کي خاص ڪري 9/11 کانپوءِ جنھن دٻاءُ کي منھن ڏيڻو پيو، اهو بيان ڪرڻ جوڳو نھ آهي. ڪو وقت اھڙو بھ آيو  جڏهن اخبار ۾ ڪم ڪندڙ رپورٽر ۽ ڊيسڪ تي هر طرف کان دٻاءُ هوندو هو،  ’خبر‘ نه ڏيڻ تي انھن کي خود  خبر ٺاهي ڇڏبو ھو ۽ جيڪڏهن خبر ڏيندا هئا ته ڪڏهن ڪڏهن ٻئي پاسي کان اشتهار  بندڪيا ويندا هئا. تھ ڪڏهن ڪڏهن صحافي بند يا غائب . ڪو وقت اهڙو بھ آيو جو ھڪ گروپ اهو به ٻڌائيندو هو ته  ھنن جو ”بيان يا خبر “ ڪهڙي صفحي تي ۽ ڪيترا ڪالم  لڳائڻا آھن.  جڏهن ايڊيٽرز مجبور ٿي ائين ڪرڻ لڳا، ته انتظاميه 12 اخبارن ۽ انهن جي ايڊيٽرن خلاف اينٽي ٽيررازم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيا،بدقسمتيءَ سان صحافين ۽ ايڊيٽرن جي ان انديشي تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو ته جيڪڏهن اهي پابندي مڙهيل تنظيمن جا بيان نه ڏيندا  ته سندن زندگين کي خطرو آهي ۽ اهڙا واقعا ٿي چڪا ھئا ۽ فيصلو سندن خلاف آيو، هن وقت تائين پنجاهه کان وڌيڪ صحافي ان جو  نشانو بڻجي چڪا آهن.

مان  پنھنجي عھد جي مشھور شاعر جنھن جو تعلق انھيءَ صوبي سان ھو ۽ شاگردي واري  دور  کان حاصل بزنجي جي ”بلوچستان“ کي ڳولڻ ويو ھوس. مون ۽ حاصل ڪراچي يونيورسٽي گھڻو وقت گڏ گذاريو آهي ۽ مان انهن چند دوستن مان هڪ آهيان، جن کي هن سڀني کان اڳ پنهنجي موتمار بيماري بابت ٻڌايو هو. هو پنهنجي  جنھن کي ”باباءِ بلوچستان “ بھ سڏيو ويندو ھو، مير غوث بخش بزنجو جيان  ٿڌي مزاج جو  ھو ، پر ھو ان ڏينهن ڦاٽي پيو  ھو جڏھن سينيٽ ۾ واضح اڪثريت باوجود ھن کي، اسان جي رياستي اشرافيه ھارايو ھو  ۽ بدقسمتيءَ ڏسو ان وقت اسان جي تحريڪ  انصاف جي دوستن  ان کي ”سينيٽرن جي ضمير جو آواز“ سڏيو آهي، حالانڪ بقول حاصل  اھو ”فيض حميد“ جو آواز هو، جيئن ڪنهن زماني ۾ ضمير جو آواز دراصل ”احتشام ضمير“ جو آواز  ھوندو هو.

جنھن ڳالھھ مونکي حوصلو ڏنو اھا اتي جي بلوچ، پختون، هزاره نوجوانن ۾ ھڪ نئون اصطلاح  جيڪو اتي استعمال ٿيو ”سيٽلرز“ ۾ يڪجھتي ۽ ھڪ لبرل ماحول ۾ گفتگو ۽ سوال ڪرڻ جو معيار ھو، جنهن  مان سندن سياسي شعور کي اجاگرڪري رھيو ھو. مثال طور هڪ نياڻي جيڪا شايد اسڪول جي شاگردياڻي  هئي، هڪ مهمان کان سوال پڇيو ”سر، مان توهان کي سوشل ميڊيا تي فالو ڪريان ٿي، توھان ٻڌايو ته زندگي ڇا ھوندي آهي؟“ مھمان جواب ڏنو “ڌيءَ تنھنجو اھو سوال ئي ھن عمر ۾ زندگيءَ جي علامت آھي“ ھڪ انتھائي گھرو سوال يونيورسٽي جي هڪ ڇوڪريءَ وڏي وزير سرفراز بگٽيءَ کان پڇيو ته ”مون کي ٻڌايو ته  آخر ڪجهه ماڻهو آزادي جا نعرا ڇو ٿا هڻي رهيا آهن ۽ انھن جي سوالن جو جواب ڇا آهي؟  سرفراز بگٽي جيتري حد تائين جواب ڏئي پئي سگھيو ڏن۽ وعدو ڪيو تھ ھو ھر مھيني ھن يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان  هڪ يا ٻه ڪلاڪ بحث  گفتگو ڪندو. سوال ھي آهي ته جيڪڏهن  ھو ائين ڪري سگهي ٿو ته ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ سيمينار جي اجازت ڇو نٿي ڏئي سگهي؟ مون کي تھ اھو اندازو آھي تھ ھو ڪيترو ”بااختيار“ آھي. پر هڪ سرڪاري آفيسر جو پريس ڪلب کي تالو لڳائڻ ان ڳالھھ جي ثابتي آھي تھ اسان کي تنقيد برداشت نھ آھي  بهرحال، مون کي ’گم ٿيل بلوچستان‘ ملي ويو ۽ اهو انھن نوجوانن جي اکين ۾ موجود آهي، جيڪي پڇڻ جي جرئت ڪن ٿا. پر اڃا به گهڻو ڪجهه گم آهي، صوبائي وزير تعليم راحيلھ دراني خود چئي ٿي ته هتي جا لکين ٻار اسڪول نٿا وڃن. اهڙا ٻار  انتها پسندن جي هٿ ۾ بھ اچي سگهن ٿا. صحت جو حال تھ اسان کي ڪراچي ايئرپورٽ تي هڪ عورت ئي ٻڌائي ڇڏيو ھو. هوءَ مون ۽ انور مقصود وٽ آئي ۽ چيائين ته ”انور صاحب، مان ڪوئيٽا جي شهري آهيان،پنھنجي بيماري جي سبب  هر مهيني ڪراچيءَ  اچڻو پوندو آهي. ڪوئيٽا ۾ ھڪ سٺي معيار جي اسپتال به نه آهي باقي صوبي جي حالت ئي نه پڇو“.

يقين ڪريو ڪوئيٽا اهڙو نه هو، جنهن کي اسان ڪڏهن سياست  جي نذر ڪري ڇڏيو تھ وري  ڪڏهن رياست جي نذر. ياد رکو، ڪڏهن بھ ڪنھن غيرمقامي کي صوبي مان ڪڍڻ سان مسئلو حل ٿي سگھي ٿو ، نه ئي گورنر راڄ يا فوجي آپريشن سان معاملو حل ٿي سگھي ٿو. چاهي اهو ڀٽي صاحب جي دور ۾ ٿيو ھجي،جنرل مشرف جي دور ۾ ٿيو ھجي يا ان بعد ٿيو ھجي.ڇا ان تي ڪي بھ رايا ٿي سگھن ٿا تھ معاملو  سوئي گيس جو هجي، يا ريڪوڊڪ هجي يا گوادر پورٽ جو، ڪنهن به زمين جا پهريان حقدار  اتي جا رھندڙ هوندا آهن. جهڙيءَ ريت سڄي ملڪ ۾ جاگيرداري نظام جمهوريت جون پاڙون مضبوط ٿيڻ نه ڏنيون، اهڙي طرح سرداري نظام به اسان جي رياستي اشرافيه وٽ ھٿ ٽنگيندڙ رھيو آھي،پر هاڻي معاملو انھن جي هٿن مان بھ نڪري رهيو آهي. ڪوئيٽا وڃڻ کان اڳ ڪجهه دوستن چيو ”حالتون ٺيڪ نه آهن، نه وڃو“ مون چيو، ”صحافي تھ ويندو ئي  ان جاءِ تي  آھي جتان ٻيا ماڻهو ڀڄي رھيا ھوندا آھن يا ويندي ڊڄندا آھن “ يقين ڪريو تھ انھن ٽن ڏينهن ۾ مون کي ڪڏهن به محسوس نه ٿيو ته منهنجو ”موبائل“ بندوق جي زور تي کسجي ويندو. مون هڪ ڊرائيور کان پڇيو ته هن مُرڪندي چيو، ”سر ھتي موبائيل نھ پر ماڻهو غائب ٿيندو آهي“

يقين ڪريو ڪوئيٽا اهڙو نه هو، جنهن کي اسان ڪڏهن سياست  جي نذر ڪري ڇڏيو تھ وري  ڪڏهن رياست جي نذر. ياد رکو، ڪڏهن بھ ڪنھن غيرمقامي کي صوبي مان ڪڍڻ سان مسئلو حل ٿي سگھي ٿو ، نه ئي گورنر راڄ يا فوجي آپريشن سان معاملو حل ٿي سگھي ٿو. چاهي اهو ڀٽي صاحب جي دور ۾ ٿيو ھجي،جنرل مشرف جي دور ۾ ٿيو ھجي يا ان بعد ٿيو ھجي.ڇا ان تي ڪي بھ رايا ٿي سگھن ٿا تھ معاملو  سوئي گيس جو هجي، يا ريڪوڊڪ هجي يا گوادر پورٽ جو، ڪنهن به زمين جا پهريان حقدار  اتي جا رھندڙ هوندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.