برطانيا ۾ وقت کان اڳ عام چونڊن جو اعلان !؟

برطانيا ۾ عام چونڊون ايندڙ سال جنوري ۾ ٿيڻيون ھيون،پر حڪومت وقت کان اڳ چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو  آھي. وزيراعظم رشي سونڪ  جي آفيس موجب ملڪ جي بادشاھ سان مشاورت بعد ايندڙ چونڊون 4 جولاءِ تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. چوڏهن سالن کان اقتدار ۾ رهڻ کانپوءِ ڪنزرويٽو پارٽي هن وقت اپوزيشن ليبر پارٽي کان گهڻو پوئتي آهي.

برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ جي اربع ڏينھن ڪيل اعلان بعد ڪافي افواھ ختم ٿي ويا آھن، جيڪي ان ڪري پکڙجي رهيا هيا جو حڪومت چونڊن بابت پنھنجو موقف ظاھر نھ ڪري رھي ھئي،جڏھن تھ افواھن ۾ چيو پئي ويو تھ وقت کان اڳ چونڊون جو ماحول تيار ٿي ويو آھي.  وزيراعظم رشي سونڪ  جو  چوڻ ھو تھ پهريان مون با شاهه کي پارليامينٽ ٽوڙڻ جي درخواست ڪئي هئي. بادشاهه اها درخواست قبول ڪئي ۽ اسان عام چونڊون 4 جولاءِ تي ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم جو چوڻ ھو تھ اهو وقت اچي ويو آهي جڏھن برطانيا جو عوام  پنهنجي مستقبل جي چونڊڻ  جو فيصلو ڪري  ته ڇا اسان ترقي ڪرڻ چاهيون ٿا،يا  جيڪو هينئر تائين ڪيو ويو آهي ان کان بھ پوئتي وڃڻ چاهيون ٿا.ھن جو چوڻ ھو تھ ھڪڙن وٽ تسلسل آھي ۽ ٻين وٽ غير يقيني صورتحال ڏانهن موٽڻ جي واٽ آھي.

اليڪشن  جو اعلان ھڪ اھڙي وقت ۾ ڪيو ويو  آهي جڏھن عام جائزن جي رپورٽس ۾ وزيراعظم رشي سونڪ جي ڪنزرويٽو پارٽي،اپوزيشن جي ليبر کان تقريبن 20 پوائنٽس پوئتي رھجي وئي آھي.ليبرپارٽي اڳواڻ  ڪيئر اسٽارمر چيو ته اليڪشن جو مطلب آهي ”تبديلي جو موقعو“. ھن پنھنجي حامين کي چيو تھ "ليبر پارٽي لاءِ ووٽ جو مطلب آهي معاشي ۽ سياسي استحڪام، هڪ اھڙي سياست جيڪا اسان جي  زندگين تي وڌيڪ شفقت جو  هٿ رکي ٿي،ھي ووٽ افراتفري کي روڪڻ ۽ ھڪ تبديلي جو وقت آهي. ” رشي سونڪ جي ڪنزرويٽو پارٽي 2010 کان اقتدار ۾ آهي ۽ هو 2019 ۾ ٿيل آخري اليڪشن کان پوءِ ڪنزويٽو پارٽي جو ٽيون وزيراعظم آهي. ڪنزرويٽوز پاٽي کي گذريل 80 سيٽن جي رڪارڊ اڪثريت حاصل ھئي. ان وقت کان حڪمران پارٽي جي مقبوليت ۾ گهٽتائي آئي، خاص طور تي بريگزيٽ جي حامي بورس جانسن جي ھنگامي واري دور ۾ جنهن کي اخلاقي اسڪينڊل جي هڪ سلسلي کانپوءِ عھدي تان لاٿو ويو هو.بورس جانسن جي جانشين ، لِز ٽرس،کي عھدي سنڀالڻ جي ڪجھه هفتن اندران وقت  تبديل ڪيو ويو، جڏهن هن جي غير فنڊيڊ ٽيڪس ۾ڪٽوتين جي پروگرام معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ رواجي زندگي جو خرچ پکو وڌي ويو ھو. 2019 ۾ ملڪ ۾ Covid-19 جي وبائي مرض کي به منهن ڏيڻو پيو ۽ يوڪرين ۾ روس جي جنگ ۽ سپلاءِ چين جي مسئلن جي ڪري ناڻي واڌ ٿي ۽ مھانگائي وڌي وئي.

رشي سونڪ آڪٽوبر 2022 ۾ عھدو سنڀاليو ۽ معيشت کي مستحڪم ڪيو، پر عوام ۾ پارٽي جي مقبوليت کي وڌائڻ ۾ ناڪام ٿيو. هن سال جي شروعات ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪنزرويٽو پسندن کي وڏو نقصان ٿيو، ۽ ليبر پارٽي ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ مضبوط نظر اچي آئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.