وڏيرن کي وائکو ڪندڙ نصر الله گڏاڻي سان سموري سنڌ گڏ آهي: ام رباب آغا خان اسپتال پهچي وئي

ڪراچي (رپورٽر) عوامي آواز جي رپورٽر نصر االله گڏاڻي جي قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ ام رباب چانڊيو ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ داخل نصرالله گڏاڻي جي عيادت ڪئي ۽ وارثن سان هرممڪن مدد ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.

ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته گهوٽڪي جي ارڏي صحافي ۽ متحرڪ ڪردار نصرالله گڏاڻي کي ميرپورماٿيلو ۾ گولين جو کاڄ ان لاءِ بڻايو ويو ڇو ته نصرالله گڏاڻي هميشه وڏيرا شاهي ۽ سرداري نظام جي مخالفت ڪئي ۽ هميشه وڏيرن جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪيو.

هن چيو ته ظالمن اهڙي آواز کي خاموش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي اڄ سمورو سنڌ نصرالله گڏاڻي جي آواز بڻجي چڪو آهي ۽ اها ئي انقلاب جي نشاني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.