گهوٽ جي ڪنوار کي سرعام چُمي ڏيڻ تي شادي تقريب جنگ جو ميدان بڻجي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر ميرٺ ۾ هڪ شادي تقريب ۾ ان وقت ماحول خراب ٿي ويو، جڏهن گهوٽ ”جي مالا“ جي تقريب دوران ڪنوار کي سرعام چُمي ڏئي ڇڏي، جنهن تي شادي جو پندال جنگ جي ميدان جو منظر پيش ڪرڻ لڳو.
سرعام چُمي تي اتي موجود ڪجهه ماڻهن اعتراض ڪيو، جنهن کانپوءِ ڏند چند ٿي ۽ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران لتن ۽ مُڪن جو استعمال ڪيو ويو، ايتري تائين جو ڪجهه ماڻهن هڪٻئي کي لٺيون به هنيون.
پوليس موجب اطلاع تي پهچي ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 5 زخمين کي اسپتال نيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته اها تقريب ٻن ڀيڻن جي شادي لاءِ ٿي هئي، وڏي ڀيڻ جي شادي جون رسمون پرامن طريقي سان ادا ڪيون ويون، تڪرار ننڍي ڀيڻ جي شادي جي رسمن دوران ٿيو، جڏهن گهوٽ اسٽيج تي سرعام ڪنوار کي چُمي ڏني.
تڪرار باوجود خوش قسمتي سان جوڙو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو.
سرعام چُمي تي اعتراض ڪندڙن جي شادي ڪينسل ڪرڻ جي مطالبي باوجود خاندان جي وڏن معاملو ٺاريو.

india wedding marriage

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.