ننڊ ڪرڻ جو فوجي طريقو: ٻن منٽن ۾ ننڊ کڻي ويندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سائنسي تحقيق ۾ خبر پئي آهي ته رڳو 6 ڪلاڪن جي ننڊ ڪرڻ ڪنهن به ڪم کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏي ٿي. ڪمن لاءِ ڌيان ڏيڻ ۽ گهري سوچ جي ضرورت هوندي آهي. گهٽ ننڊ جي ڪري انهن ڪمن کي انجام ڏيڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.

ان کان اڳ 2018 ۾ هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته جيڪي ماڻهو پنجن کان 6 منٽن تائين سمهن ٿا اهي انهن ماڻهنجي ڀيٽ ۾ 19 سيڪڙو گهٽ پيداواري هوندا آهن جيڪي روز ست کان 8 ڪلاڪ سمهندا آهن ۽ جيڪي ماڻهو پنج ڪلاڪ کان گهٽ سمهن ٿا اهي تقريبن 30 سيڪڙو گهٽ پيداواري هوندا آهن.

ٻڌايو ويو آهي ته بنيادي تربيت ۾ هر سپاهي صبح پنجين وڳي اٿندو آهي ۽ رات نائين وڳي بستر تي هوندو آهي. اهو هڪ معمول آهي جيڪو ننڊ جي حڪمت عملي جو بنياد آهي. هي هڪ مشق هوندي آهي جنهن ذريعي ننڊ کي ڪنٽرول ۾ آڻڻ لاءِ تربيت جي ضرورت هوندي آهي. هن مشق موجب ننڊ ڪئي ويندي آهي ۽ ان جي لاڳيتي پيروي ڪئي ويندي آهي. تربيت ۽ حڪمت عملي جي ماحول ۾ ننڊ جي منصوبابندي هڪ بنيادي قائداڻي صلاحيت آهي. حالتون ڪڏهن ڪڏهن ان جي ابتر به ٿي سگهن ٿيون. هر 24 ڪلاڪن ۾ ست کان 9 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ ضروري هوندي آهي ٻي صورت ۾ ڪم ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويندو آهي.

ننڊ ۾ بهتري ڪم ڪار، رشتن، ڪٽنب ۽ واندڪائي لاءِ ضروري آهي ڇو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ اهي سڀ ڪم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ توانائي ناهي ته هو ناڪام ٿي ويندو يا اهي ڪم صحيح طريقي سان انجام نه ڏئي سگهندو.

جڏهن هڪ شخص کي هر رات سٺي ننڊ ناهي ايندي ته ان صورت ۾ ان شخص جي زندگي جيهر رخ ۾ ڪم ڪار تي ناڪاري اثر پوندا آهن. ننڊ لاءِ هڪ مخصوص وقت چونڊڻ اڪثر ۽ ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي ان لاءِ ماهرن صلاح ڏني آهي ته پهريان مخصوص تاريخ جي چونڊ ڪئي وڃي جنهن ۾ سڀ ڊيوائيسز، کڻي ٽي وي هجي، فون يا ڪمپيوٽر، بند ٿي وڃن ۽ بتيون به وسمايون وڃن.

ماهرن موجب وقت طئي ڪجي ته جيئن ست کان 8 ڪلاڪ جي ننڊ ڪري سگهجي مثال طور هڪ شخص کي صبح ڇهين وڳي اٿڻ جي ضرورت آهي ته بنا شڪ جي کيس جلد کان جلد سمهڻ جي وقت جي چونڊ ڪرڻي پوندي ڇو ته جيستائين هو مڪمل طور تي ٿڪيل نه هوندو ان کي فوري ننڊ نه ايندي.

ٻيو مرحلو ننڊ بابت سوچڻ يا سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ ناهي پر رڳو آرام ڪرڻ ۽ دماغ کي خاموشي سان ڀٽڪڻ ڏيڻ آهي ۽ جيڪڏهن ان ۾ سمهڻ ۾ وقت لڳي ٿو ته ڪا ڳالهه ناهي پوءِ هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ٻئي ڏينهن هو صبح جو ننڊ نه ڪري ته جيئن رات جو هو سمهڻ لاءِ تيار هجي. اهو سندس سمهڻ جو وقت نه پر بستر جي تياري جو وقت سمجهيو ويندو.

اهڙي ريت وقت گذرڻ سان سندس جسم ان وقت تي ننڊ لاءِ تيار ٿي ويندو، ان جو هڪ فوجي طريقو به آهي، اوهان به فوجي طريقي کي آزمائي سگهو ٿا، اها ٻن منٽن جي پري فلائٽ روٽين آهي جيڪا يو ايس نيول ڪاليج پائلٽن کي سمهڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ تيار ڪئي هئي. ان جي نتيجي ۾ 6 هفتن ۾ 96 سيڪڙو پائليٽ ٻن منٽن يا ان کان به گهٽ وقت ۾ سمهي پوندا آهن سندن سمهڻ ۾ ڪا شئي رنڊڪ ناهي بڻبي، کڻي هو هڪ بينچ تي ويٺا هجن، مشين گن جي فائرنگ جي رڪارڊنگ ٻڌي رهيا هجن يا رڳو هڪ ڪپ چانهه پي رهيا هجن.

ان لاءِ پهريان چهري کي سڪون ڏنو ويندو آهي آهستي آهستي گهاٽو ساهه وٺندي اکيون بند ڪريو، ان کانپوءِ چهري جي سڀني حصن کي آرام ده ڪريو، نراڙ کان شروع ٿي ڄاڙي ۽ ڳلن کان ٿيندي وات ۽ زبان به آرامده ٿيندي، ڪلهن ۽ ٻانهن کي آرام ڏجي. ڪنهن به دٻاءُ مان ڇوٽڪاري لاءِ چهري ۽ ڪنڌ جي عضون کي آرام ڏسڻ بعد ائين محسوس ٿيڻ لڳندو جيئن ماڻهو سيٽ يا بستر ۾ گهڙندو پيو وڃي، پوءِ پنهنجي ساڄي ٻانهن جي مٿئين حصي کان شروع ڪريو، آهستي آهستي پنهنجي ساڄي ٻانهن ۽ هٿن کي آرام ڏيو ۽ پوءِ ائين ئي پنهنجي کاٻي پاسي به ڪريو.

ان دوران گهاٽا ساهه کڻو ۽ انهن تي ڌيان ڏيو، سيني کي آرام گهاٽي ساهه ذريعي حاصل ٿئي ٿو ساڄي ڄنگهه کان پوءِ گوڏن ۽ کڙين ۽ پيرن جي آڱرين تائين هر حصي کي آرام ڏيو ۽ سڀ کان ضروري شئي دماغ کي پرسڪون ڪرڻ آهي.

ڪنهن به شئي بابت نه سوچڻ ڏکيو هوندو آهي پر هر رات هڪ معمول تي قائم رهڻ سان فائدو ٿيندو سوچڻ جي ٽيڪنيڪ کي ذهن ۾ هڪ آرام ده تصوير ۽ خيال سان استعمال ڪري سگهجي ٿو. جيئن ته اونداهي ۾ آرام سان ليٽڻ تصور ڪرڻ. جي اهو ڪم نه ڪري ته اهي لفظ ورجايو ته ڪجهه انهي سوچڻو اهي لفظ رڳو 10 سيڪنڊ ورجايو ۽ آرام سان سمجهي پئو.

آخر ۾ اهو ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته اها مشق ورجائڻ سان اوهان ننڊ ۾ بهتري آڻي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.