اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پي ٽي آءِ وفد مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب ۽ اسد قيصر جي اڳواڻي ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي پهچي ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ، ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته هن وقت ملڪ ۾ آئين ۽ پارليامينٽ جي ڪا به حيثيت ناهي، جمهوريت هارائي وئي آهي، دهشتگردي خلاف ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جنگ جاري آهي، پر دهشتگردي ختم ٿيڻ بدران روز وڌي رهي آهي،هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته سياسي رابطي سان ڳالهيون اڳتي وڌن، ويڇا ختم ٿين، مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وفد سان سٺي ماحُول ۾ ملاقات ٿي آهي، ملڪ ۾ آئين ۽ پارليامينٽ جي ڪا به حيثيت ناهي، جمهوريت هارائي رهي آهي، هن چيو ته اختلافن کي ختم نٿا ڪري سگهون ٿا ڪجهه گهٽ ڪري سگهون ٿا ، ڏکڻ وزيرستان ۾ هزارين ماڻهو روزگار نه ملڻ سبب روڊن تي نڪري آيا آهن، ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو ته پاڪستان ۾ آئين جي نالي ته ڪجهه به ناهي، فضل الرحمان سان ٿيل ملاقات ۾ سٺي ڪچهري ٿي آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به اها ڳالهه ٻولهه جاري رهندي، فضل الرحمان ۽ سندس ساٿين جي کلي دل سان آڌرڀاءٌ ڪيو، هن چيو ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي پاسداري لاءِ جدوجهد ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ تي ٿيل حملي جي مذمت ڪيون ٿا، جڏهن ته اسد قيصر چيو ته ملڪ بنانا ريپلڪ بڻجي رهي آهي، فضل الرحمان خوش اصلوبي سان آجيان ڪئي، سندس ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته آئين جي بالادستي لاءِ سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو.