راڻا ثناءُ الله کي بين الصوبائي وزارت جي چارج ملي وئي

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) وزيراعظم جي سياسي  صلاحڪار راڻا ثناءُ الله کي وزارت جي چارج ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري کانپوءِ راڻا ثناءُ الله کي چارج ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.  نوٽيفڪيشن موجب راڻا ثناءَ لله کي بين الصوبائي رابطا ڪميٽي جي چارج ڏني وئي آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ احسن قبال کي بين الصوبائي وزارت جي اضافي چارج به ڏني وئي هئي. بين الصوبائي وزارت ان کان اڳ  احسن اقبال وٽ هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.