تائيوان جي معاملي تي چين سان گڏ آهيون\آصف زرداري

اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف زرداري چيو ته پاڪستان وڌيڪ اسڪولن جي حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي ته هو پنهنجي لازمي نصاب ۾ چيني ٻولي کي شامل ڪن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماڻهن جي مٽاسٽا کي مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماڻهن جي اچ وڃ کي آسان بڻائڻ لاء وڌيڪ پاليسين تي زور ڏنو. چيني عوام جي ڪاميابين کي ساراهيندي آصف زرداري چيو ته پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ چين جي ڪاميابي جو اهم سبب آهي. چين کي پاڪستان جي ترقي جي عمل ۾ وڌيڪ شامل ٿيڻ جي اميد رکون ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ون چائنا جي اصول تي پختو يقين رکي ٿو، هميشه تاريخ جي ساڄي پاسي بيهڻ جو رستو اختيار ڪيو آهي. چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 73 هين سالگرهه جي موقعي تي اربع ڏينهن چين جي ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستاني عوام چين سان غير مشروط محبت ڪري ٿو. صدر آصف زرداري چيو آهي تهپاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي قوم کي چيو هو ته اوڀر طرف ڏسو، چين ڏانهن ڏسو. صدر آصف زرداري ”تائيوان جي آزاديءَ“ جي ڪنهن به شڪل کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ون چائنا اصول کي تسليم ڪرڻ جي پاڪستان جي موقف کي ورجايو. هن چيو ته تائيوان چين جو حصو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.