حملي آورن جو مقصد منهنجو ڳلو ڪپڻ هو: رئوف حسن

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن الزام هنيو آهي ته حملي آورن جو نشانو سندس ڳچيءَ هو، حملي  جي  مڪمل رٿابندي ڪئي وئي هئي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رئوف حسن جو چوڻ هو ته سندس زخم ڀرجي ويندا پر فرد واحد جي آمريت ۾ ملڪ کي لڳل زخم نه ڀرندا.رئوف حسن چيو ته جمهوريت جي دونهين پٺيان فرد واحد جي آمريت آهي، تمام جبر جي باوجود پي ٽي آءِ ۽ عوامي حمايت ختم نه ٿي سگهي آهي، هن چيو ته گذريل ٻن سالن کان اسان جي خلاف جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ اهڙو ظلم ناهي جيڪو پاڪستان ۾ ٿيو، هن چيو ته اسانجي حڪومت ڪيرائڻ بعد جيڪي ظلم پي ٽي آءِ سان ڪيا ويا ان جو ڪو به مثال نٿو ملي، .رئوف حسن چيو ته اسان جي درخواست باوجود عدالتي ڪميشن نه ٺهي، اسان هن ملڪ ۾ جمهوريت چاهيون ٿا، عوام پي ٽي آءِ کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏني، پي ٽي آءِ تي ظلم ڪيو ويو ۽ اسان جي اڪثريت کسي وئي، اسان جي ماڻهن کي گرفتار ۽ اغوا ڪيو ويو پي ٽي آءِ وارن کان وفاداريون تبديل ڪرائڻ لاءِ سمورا حربا اختيار ڪيا ويا، سمورين ڪوششن باوجود پي ٽي آءِ کي ختم نه ٿي سگهيو.پي ٽي آءِ ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته مونکي ٻڌايوڪٿي اچان، مون کي سيني ۾ گوليون هڻي ماري ڇڏيو، اڄ نه ته سڀاڻي هنن کي اڊيالا جيل ۾ ويٺل شخص سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، مون سان جيڪو ٿيو سو ڪجهه ناهي، گهڻو ڪجهه ٿيو انهن سان جيڪي مون سان گڏ هئا. گذريل ڏينهن مٿس ٿيل حملي بابت ڳالهائيندي رئوف حسن جو چوڻ هو ته هي ماڻهو 3 ڏينهن اڳ به منهنجي طرف آيا، هنن مون کي گاريون ڏنيون ۽ ڌمڪيون ڏنيون، حملي آور چوندا رهيا ته اسان تنهنجي پٺيان آهيون، حملي آورن جو مقصد منهنجو ڳلو ​​ڪپڻ هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.