راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته رئوف حسن تي حملو ڪرڻ پٺيان عنصرن کي هو ڄاڻي ٿو. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي کانپوءِ عدالت ۾ موجود ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته کيس خبر آهي ته رئوف حسن تي حملي جي واقعي پٺيان ڪير آهي. هن چيو ته رئوف حسن سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ثابت ٿئي ٿو ته نظام ڏنڊي سان هلي رهيو آهي. عمران خان پنهنجي پارٽي ڪارڪنن کي تيار رهڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته هو رئوف حسن جي معاملي تي روڊن تي نڪرندو. هن چيو ته اسان جي برداشت ختم ٿي رهي آهي، روڊن تي اچي احتجاج ڪنداسين. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اڳ ۾ ملڪي صورتحال سبب روڊن تي نه نڪرندا هئا. هن چيو ته احتجاج سان معيشت برداشت ڪرڻ جي قابل ناهي، جيڪڏهن ڪو نقصان ٿيو ته حڪمران پاڻ ذميوار هوندا. پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته تيار ٿي وڃو، اسيمبلي ۽ بجيٽ سيشن هلڻ نه ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين چيو ته وزيراعظم شهباز شريف چئي رهيو آهي ته ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته ڏکيا فيصلا تڏهن ٿيندا آهن جڏهن قائد قربانيون ڏيندو آهي، نواز شريف، شهباز شريف ۽ زرداري پرڏيهه ۾ رکيل اربين رپيا واپس آڻيندا آهن. هن چيو ته قوم تمام گهڻي قرباني ڏني آهي، هاڻي قوم اوهان کان پهرين قرباني گهرندي. عدالتي ڪمري ۾ موجود اڊيالا جيل جي هڪ اهلڪار موجب عمران خان چيو ته سمورن ڪيسن کي لائيو ٽيلي ڪاسٽ ڪيو وڃي. قوم کي خبر پئي ته چوري ڪنهن ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن مٿس غداري جو ڪيس داخل ٿيو ته هو ڦاسي کائڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ججن جو خوف اچي رهيو آهي، جج پنهنجي وقار لاءِ اٿي بيٺا آهن، ان ڪري کين لڳي ٿو ته ڊيل ٿي وئي آهي.