اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) تحريڪ انصاف رئوف حسن تي حملي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۾ رئوف حسن سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي عمر ايوب چيو ته رئوف حسن تي قاتلاڻي حملي جي سخت مذمت ڪريون ٿا، اسان حملي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، هن چيو ته اسلام آباد پوليس جيڪا ايف آءِ آر جاري ڪئي آهي اسان هن کي ردڪيون ٿا. ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جو ڪو به ذڪر ناهي. هن چيو ته اسان مطالبو ٿا ڪريون ته رئوف حسن تي حملي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، جيڪڏهن مستقبل ۾ اهڙو حملو ٿيو ته سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪنداسين. جنهن ملڪ ۾ قانون تي عمل نه هجي اتي ڪو به سيڙپڪاري نٿو ڪري، گذريل 2 سالن ۾ اسان جي پارٽيءَ جو جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ڪنهن کان ڳجهو ناهي. ان موقعي تي رئوف حسن چيو ته اسان چيو هو ته 9 مئي تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، ان کانپوءِ سزائون ڏنيون وڃن، اسان جو مقصد هن ملڪ ۾ جمهوريت آڻڻ آهي ۽ ڪندا رهنداسين، اهڙين چالبازين سان پي ٽي آءِ جي روح کي تباهه نٿو ڪري سگهجي.